تهران/واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)ايران جي شهيد ڪمانڊر قاسم سليماني جي ڌيءَ زينب سليماني آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ان دعويٰ کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته سندس خاندان جون ٻه عورتون آمريڪا ۾ گرفتار ڪيون ويون آهن،زينب سليمانيواضح بيان ۾ چيو ته آمريڪا جن ٻن عورتن جي گرفتاري جي دعويٰ ڪئي آهي، انهن جوقاسم سليماني جي خاندان سان ڪو به تعلق ناهي ۽ اها خبر حقيقت جي ابتڙ آهي۔ٻئي پاسي نرگس سليماني به ايراني سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي هن دعويٰ کي رد ڪيو ۽ چيو ته اڄ تائين قاسم سليماني جي خاندان يا ويجهن مٽن مان ڪو به آمريڪا ۾ مقيم نه رهيو آهي۔هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي وزيرمارڪو رويبو دعويٰ ڪئي هئي ته حميده سليماني افشار ۽ سندس ڌيءَ، جيڪي مبينا طور تي شهيد قاسم سليماني جون مائٽياڻيون آهن، کي آمريڪا ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي۔هن وڌيڪ چيو هو ته ٻئي عورتون گرين ڪارڊ هولڊر هيون ۽ آمريڪا ۾ پرتعيش زندگي گذاري رهيون هيون، پر هاڻي انهن جا گرين ڪارڊ منسوخ ڪيا ويا آهن۔ايراني اختيارين ۽ سليماني خاندان طرفان هن دعويٰ جي ترديد کان پوءِ معاملي بابت وڌيڪ وضاحت ۽ حقيقتون سامهون اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي۔