اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪندي ايندڙ بجٽ ۾ بجلي جي سبسڊي کي 830 ارب رپين تائين محدود رکڻ ۽ بجلي جا اگهه وڌائڻ جي خاطري ڪرائي آهي. دستاويزن موجب، نار ملڪن ۾ جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل توانائي جي بحران جا اثر گهٽائڻ لاءِ بجلي جي ٽيرف ۾ بروقت اضافو ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف جي 7 ارب ڊالرن جي قرض پروگرام جي شرطن تحت بجلي جو نئون بنيادي ٽيرف 15 جنوري 2027ع کان لاڳو ٿيندو. ٻئي طرف، بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري جو عمل هڪ ڀيرو ٻيهر رنڊڪ جو شڪار ٿي ويو آهي، جيڪو هاڻي 2027ع جي شروعات ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي.