تهران/ يروشلم(م ڊ) ايران ، اسرائيل ۽ آمريڪي جنگ جاري آهي، سي اين اين 7 آمريڪي جهاز ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. ايران بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) کي بوشهر ايٽمي پاور پلانٽ جي ويجهو ميزائل حملي جو اطلاع ڏنو ويو آهي. . IAEA جي مطابق، بوشهر ايٽمي پاور پلانٽ مان تابڪاري جي اخراج جي ڪا به رپورٽ ناهي. ايران ٻڌايو آهي ته حملي ۾ بوشهر پاور پلانٽ جي عملي جو هڪ ميمبر مارجي ويو آهي ۽ بوشهر ايٽمي پاور پلانٽ جي هڪ عمارت متاثر ٿي آهي. ايراني انقلابي گارڊ ڪور اعلان ڪيو آهي ته آپريشن وعده صادق 4 جي 95 هين لهر ڪويت، بحرين، گڏيل عرب امارات ۽ اسرائيل ۾ ڪيترن ئي هنڌن کي نشانو بڻايو. پاسداران انقلاب جي مطابق، آپريشن جو ڪوڊ نالو "يا حسن ابن علي” هو ۽ ان ۾ قاسم، خيبر شڪان ۽ غدير ميزائل استعمال ڪيا ويا. انقلابي گارڊ ڪور جي مطابق، آپريشن ۾ نشانو بڻايل هدفن ۾ آمريڪي فوجي تنصيبات، اسرائيل سان لاڳاپيل هڪ واپاري جهاز، ۽ اسرائيل جا ڪيترائي علائقا شامل هئا، جن ۾ مختلف ميزائل سسٽم استعمال ڪيا ويا هئا. ايران دعويٰ ڪئي آهي ته جبلن وارن علائقن ۾ ٻن خانه بدوش قبيلن آمريڪي فوجي بليڪ هاڪ هيلي ڪاپٽرن کي نشانو بڻايو آهي. انقلابي گارڊز پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته "ڪوهگلويه ۽ بوئر احمد صوبن جي خانه بدوش ۽ ‘بختياري’ قبيلن ڪاميابي سان ٻن بليڪ هاڪ هيلي ڪاپٽرن کي مشڪل سان پهچندڙ جبلن وارن علائقن ۾ نشانو بڻايو آهي.” بيان موجب، علائقي ۾ ڪو به ايراني هٿياربند فوج نه هئي.بي بي سي معاملي تي تبصرو لاءِ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سان رابطو ڪيو آهي. خانه بدوش ۽ بختياري ايران جي قبائلي طور سڃاتا وڃن ٿا. اهي قبيلا عام طور تي جهنگلي جانورن ۽ چوري کان ڏورانهن جبلن وارن علائقن ۾ پنهنجن ٻڪرين ۽ ڪئمپن کي بچائڻ لاءِ بندوقون کڻندا آهن.بي بي سي تصديق جمعي تي هڪ وڊيو جي تصديق ڪئي جنهن ۾ ٽن هٿياربند ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن بليڪ هاڪ هيلي ڪاپٽرن جي طرف فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. بي بي سي جي آمريڪي پارٽنر سي بي ايس رپورٽ ڪئي آهي ته هڪ هيلي ڪاپٽر هڪ ايف-15 اي جهاز جي بچيل پائلٽ کي کڻي وڃي رهيو هو، جنهن کي ننڍي هٿيارن جي فائرنگ جو نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ عملو ميمبر زخمي ٿيا پر محفوظ طور تي لينڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ايران جي گڏيل فوجي ڪمانڊ جي ترجمان، خاتم انبيه، چيو ته جمعي ڏينهن هڪ آمريڪي جنگي جهاز کي ڪيرائڻ لاءِ هڪ نئون هوائي دفاعي نظام استعمال ڪيو ويو.پنهنجي بيان ۾، خاتم انبيه جي ترجمان چيو ته اسان پنهنجي ملڪ جي هوائي حدن جو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪنداسين.هن چيو ته هوائي دفاعي نظام هڪ A-10 فائٽر جيٽ ۽ ٻه بليڪ هاڪ هيلي ڪاپٽر ڪيرايا. ايراني فوجي ڪمانڊ چيو ته هوائي دفاعي نظام هڪ جديد A-10 فائٽر جيٽ کي به نشانو بڻايو.
واشنگٽن (ع آ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران وٽ 48 ڪلاڪ آهن ته ڪنهن معاهدي تي پهچي يا آبناءِ هرمز کولي، ٻي صورت ۾ ان تي قيامت ٽُٽي پوندي.ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو ته ”اهو وقت ياد رکو جڏهن مون ايران کي ڏهه ڏينهن ڏنا هئا ته يا ته معاهدو ڪن يا ايراني نار کولين، هاڻي وقت ختم ٿي رهيو آهي.“ هن وڌيڪ لکيو ته ”48 ڪلاڪ باقي آهن، ان کانپوءِ مٿن قيامت ٽُٽي پوندي.“ واضح رهي ته 27 مارچ تي ٽرمپ اعلان ڪيو هو ته هو ايراني توانائي ٿاڪن تي ڪنهن به امڪاني حملي کي ڏهه ڏينهن لاءِ روڪي رهيو آهي. ان کان ٿورو اڳ هڪ ٻي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ جنهن ۾ هن آمريڪي معيشت تي ٽيڪسن جي اثرن جو ذڪر ڪيو ۽ آخر ۾ لکيو ته ”سڀني سان گڏوگڏ، هڪ ايٽمي ايران کان ڇوٽڪارو.“