رياست جو مثال ھڪ ماءُ وانگر ڏنو ويندو آهي ته رياست عوام جي ماءُ آهي، پر افسوس ته ھي ڪھڙي ماءُ آھي جيڪا هميشه غريبن مسڪينن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري کين جيئڻ جنجال ڪري رھي آهي، ڏينھون ڏينھن مهانگائي جو جِن بي قابو بڻجي غريبن مسڪينن جي خوشين جو قتل ڪري رهيو آهي ، ھي ماءُ جھڙي آخر ڪھڙي رياست آهي جيڪا هميشه غريبن مسڪينن سان ظلم زيادتي ڪري سندن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي ، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب غريب ماڻهو ھڪ ٽائم ماني ڳڀي لاءِ پريشان ھو ته مٿان وري جنگ جو بھانو بڻائي رات جي اونداهي ۾ پيٽرول 137 روپيا ۽ ڊيزل 160 مطلب ته ھاڻي پيٽرول جي نئين قيمت 460 ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 520 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي
رات جي ڪاري اونداهي ۾ تيل مھانگو ڪري ملڪ اندر ھڪ دفعو ٻيھر مھانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته صرف ھڪ مھيني ۾ پيٽرول 200 ۽ ڊيزل 300 روپيا مھانگو بڻجي ويو آهي ، ٿورو ڏسجي ته جن ملڪن ۾ جنگ جو عروج ھلي پيو انھن وٽ ڏينھون ڏينھن تيل سستو ٿي رهيو آهي جڏھن ته اسان وٽ وري حڪمران پنھنجي عياشين کي پورو ڪرڻ لاءِ عوام جو تيل ڪڍي رھيا آھن غريب مسڪين ماڻهو ھڪ وقت جي ماني ڳڀي لاءِ ڪيڏا پريشان آھن.ھڪ وقت ھو پيٽرول جا ريٽ ٽِن چئن مھينن کان پوءِ ھيٺ مٿي ٿيندا هئا پوءِ وري ھر مھيني پيٽرول ڊيزل جا ريٽ چينج ٿيڻ لڳا،ھاڻي ته عوام سان ايترو ظلم ڪيو پيو وڃي بس ھر ھفتي رياست جي رِٽ پيٽرول ڊيزل جا ريٽ مقرر ڪرڻ تائين محدود بڻجي وئي آهي، ماضي ۾ پيٽرول جا اگهه پنج روپيا وڌايا ويندا هئا ، وري پوءِ اھڙو وقت آيو ڏھ روپين کان ويھ روپين تائين وڌايا ويندا هئا، پوءِ به عوام خاموش تماشائي بڻيل ھوندي ھئي روڊن رستن تي نڪري عملي طور احتجاج ڪرڻ کان پري ھوندي ھئي، غريب عوام جي صبر جو فائدو وٺندي ھلندڙ مھيني رڪارڊ ۽ تاريخي طور 55 روپيا پيٽرول مھانگو ڪيو ويو پر افسوس ته اگههور ننڍ سُتل عوام سُڄاڳ نه ٿي سگهي جنھن جي ڪري ھڪ دفعو ٻيھر 137 روپيا پيٽرول مھانگو ڪيو ويو آهي ، جيڪڏهن ھاڻي به عوام نه سڄاڳ ٿي ته ايندڙ حالتن ۾ حڪمران وڌيڪ پيٽرول ڊيزل مھانگو ڪري سگھن ٿا ، عوام کي گھرجي ته سوشل ميڊيا ۽ گھر ويھي کوکلا نعرا ۽ حوال ڪٽڻ سان ڪجهه نه ٿيندو عملي طور تي ميدان ۾ اچڻو پوندو ۽ حڪمرانن خلاف بغاوت جو اعلان ڪري انقلاب جي شروعات ڪن، وڏي ڳالهه ته حڪومت ھجي يا اپوزيشن انھن کي عوام جو ڪو احساس ۽ خيال ناهي ، عوام کي پنهنجي محنت پاڻ تحت نڪرڻو پوندو ۽ وقت جي حڪمرانن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪرڻو پوندو ، نه ته پوءِ مھانگائي جو طوفان وڌندو رھندو رياست جھڙي ماءُ طرفان هميشه پنھنجي مرضيءَ موجب ريٽ مقرر ڪري عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦُريو لُٽيو آهي ڪير چوڻ وارو ناهي نه اپوزيشن پارٽيون ڪجهه ڪري سگھن ٿيون نه وري حڪمرانن کي عوام جو ڪو احساس آھي بس ھر پارٽي ليڊرشپ مذمت تائين محدود بڻيل آهن عملي طور ڪير به ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ڪير ڪنھن کان پڇڻ وارو ناهي ته ھي مھانگائي ڇو ۽ ڇا جي لاءِ ٿي رهي آهي
جنگ ته بھانو آھي اصل ۾ آءِ ايم ايف جو حڪم آهي ته تيل جا ريٽ وڌائي مھانگائي ڪيو جيئن اسان جو قرض لاھي سگھو ، حقيقت ۾ تيل جي اگهن ۾ رڪارڊ اضافو ڪري عوام جي حقن تي سرعام ڌاڙو ھنيو ويو آهي ، عوام سان سڌي طرح زيادتي ڪئي وئي آهي ،حڪومت جي نمائندن توڙي وزيرن مشيرن جو مفت تيل بند ڪرڻ بجاءِ هميشه مھانگائي جو بار صرف غريبن مسڪينن جي مٿان مڙهيو ويندو