پاڪستان جو گڏيل عرب امارتن کي قرض واپس ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان گڏيل عرب امارتن جو قرض واپس ڪرڻ جو فيصلو  ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب، پاڪستان 2 ارب ڊالر هن مهيني جي آخر ۾ ابوظهبي کي واپس ڪندو، جيڪا رقم پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ سيڪور ڊپازٽ طور موجود هئي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، پاڪستان هن رقم تي 6 سيڪڙو جي شرح سان وياج ادا ڪري رهيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته يو اي اي پهرين اِها رقم کي سالياني بنياد تي رول اوور ڪندو رهيو ۽ ڊسمبر 2025 ۾ هڪ مهيني لاءِ ۽ پوءِ ٻه مهينن لاءِ رول اوور ڪئي وئي. ذريعن موجب، موجوده بين الاقوامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي يو اي اي رقم جي فوري واپسي جو مطالبو ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.