ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان آرٽس ڪائونسل طرفان هال نمبر هڪ ۾ ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 47 هين ورسي جي موقعي تي ” ذوالفقار علي ڀٽو جو گلوبل ويزن ۽ دنيا ۾ ملڪن جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار ” جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪئي، ان موقعي تي هن تقرير ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو ” خودمختياري جي حڪمت عملي ” تي ٻڌل پرڏيهي پاليسي جو بنياد وڌو ۽ پاڪستان کي ڪنهن به عالمي بلاڪ سان جوڙڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو هڪ آزاد پرڏيهي پاليسي تي يقين رکندو هو جيڪا پاڪستان جي قومي مفادن جي تحفظ ڪري. هن طاقت جي ڀيٽ ۾ اصولن کي چونڊيو ۽ ملڪ جي خاطر عهدي تان استعيفيٰ به ڏني. مراد شاهه چيو ته ڀٽو انهن پهرين عالمي اڳواڻن مان هو جن چين جي اسٽريٽجڪ اهميت کي تسليم ڪيو ۽ 1966ع ۾ ئي پاڪ-چين دوستي جو بنياد وڌو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان سي پيڪ جي ڳالهه ڪريون ٿا پر شهيد ڀٽو ڏهاڪا اڳ هن ڀائيواري جو تصور ڪيو هو. اڄ پاڪ-چين لاڳاپن جي مضبوطي سندس بصيرت ۾ جڙيل آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ڀٽو "گلوبل سائوٿ” جو تصور متعارف ڪرايو ۽ ترقي پذير ملڪن کي هڪ گڏيل پليٽ فارم تي متحد ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو. وڏي وزير ياد ڏياريو ته ذوالفقار علي ڀٽو 1974ع جي اسلامي سربراهي ڪانفرنس دوران مسلم دنيا کي متحد ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو ۽ فلسطين جي مقصد کي هڪ مضبوط آواز ڏنو. هن وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته "ڀٽو شهيد دنيا ۾ فلسطين لاءِ مضبوط ترين آوازن مان هڪ هو. اڄ جون ناانصافيون اهڙي قسم جي قيادت جي کوٽ جو عڪس آهن. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ڀٽو اڄ جيئرو هجي ها ته مسلم امت کي اهڙن چئلينجن جو مقابلو نه ڪرڻو پوي ها. مراد شاهه پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو بنياد رکڻ ۽ 1971 جي جنگ کانپوءِ ان جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ جو ڪريڊٽ شهيد ڀٽو کي ڏنو. هن چيو ته اڌ ملڪ وڃائڻ ۽ بي پناهه چئلينجن جي باوجود، ذوالفقار ڀٽو قوم جو اعتماد بحال ڪيو ۽ پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻجڻ جي راهه تي گامزن ڪيو. هن ڪشمير تي ڀٽو جي سخت موقف کي به اجاگر ڪيو ۽ ان کي ورهاڱي جو اڻپورو ايجنڊا قرار ڏيندي چيو ته اقوام متحده ۾ سندس تقريرون اڄ به رهنمائي جو ذريعو آهن. هو هارين سان گڏ ويهندو هو ۽ روايتي طبقاتي رڪاوٽون ٽوڙيندو هو. هن وڌيڪ چيو ته هن حڪمرانيءَ جي ڪلچر کي تبديل ڪيو ۽ اڳواڻن کي عوام جي پهچ ۾ آندو. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سينيٽر رضا رباني چيو ته شهيد ڀٽو امام حسين جي نقش قدمن تي هلندي يزيد آڏو گوڏا نه کوڙيا ۽ شهات قبول ڪئي ۽ ان روايت تي ھلندي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو جان ڏني پر ملڪ جي سياست جو محور به بدلائي ڇڏيو ۔هن چيو ته اڄ آمريڪي سامراج تيل تي قبضي جي جنگ ڪري رهيو آهي، نه رڳو ايران پر وينزويلا سان پڻ داداگيري ڪري چڪو آهي، هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جيڪو قدم کڻي ٿو انھي جو قدم دنيا جي تيل ۽ معدبيات تي قبضو آھي جنھن جي ھڪ ننڍڙي جھلڪ اسانکي بلوچستان ۾ به نظر اچي ٿي ۽ آمريڪا چوي ٿو ته هو معدنيات تي ڳالهيون ڪري وٺندو۔ ذوالفقار علي ڀٽو کي خبر ھئي ۽ ھن اسلامي ملڪن کي گڏ ڪيو۔رضا رباني چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت ئي مسلمان ملڪن کي چيو ته تيل کي هٿيار طور استعمال ڪيو نه ته آمريڪي سامراج توهان تي حاوي ٿي ويندو، سينيٽر مشاھد حسين چيو ته پاڪستان کي ايٽمي طاقت ڏيندڙ شهيد ڀٽو هو، جنهن جي ڪري پاڪستان دنيا جي طاقتور ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو سيد مشاھد حسين چيو ته ڀٽو انھي ڪري زنده آھي جو ھن جا ڪارناما زنده آھن، هن چيو ته اڄ مسلم قيادت اسرائيل ۽ آمريڪا جي خوف ۾ آھن، ان وقت ۾ اسين صلاحيتن تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته هو تاريخ بدران جرنيلن جي هٿان ماريو وڃان ته بهتر ٿيندو، ذوالفقار علي ڀٽو وٽ ضياء الحق معافي نامو موڪليو ته ان کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته مونکي اهڙي معافي نه گهرجي،هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو معافي نامو پيش ڪندڙ کان پڇيو ته توکي خبر آهي آئون ڪير آهيان ان جواب جواب ڏنو ها ،۽ پڇيو ته آئون ڪنهنجو پٽ آهيان ته ان جواب ڏنو ته شاهنواز ڀٽو جو ان کان ذوالفقار علي ڀٽو پڇيو ته هي معافي نامو موڪليندڙ ڪير آهي ان جواب ڏنو ته ضياء الحق ته ڀٽو صاحب پڇيو ته ان جو والد ڪير آهي ته ان جواب ڏنو ته خبر ناهي ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته جنهنجي پي جي نالي جي توکي خبر ناهي ان کان آئون ڪيئن معافي گهرندس ،معافي گهرندس ته هو چوراهن تي معافي نامو کڻي ڏيکاريندو ته ڀٽو معافي گهري آهي، صحافي اڳواڻ مظهر عباس چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو عالمي ويزن وچ اوڀر تائين محدود نه هو ۽زنده هي ڀٽو جو نعرو هڻندڙ شايد پاڻ به نه ٿا ڄاڻين ته ان جو حقيقي مطلب ڇا آهي مخالف ته ان نعري تي به تنقيد ڪندا آهن۽ آيت ﷲ خامنائي جي شهادت کان پوء واضح ٿيو ته ڪيئن ماڻهو شهيد ٿيڻ کان پوء وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندا آهن، هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگي کي ڏسجي ته لڳندو آهي ته هو تمام جلدي ۾ هو ۽ هن جلدي جلدي ۾ ملڪ لا وڏا وڏا ڪم ڪري ورتا۽ ڪورٽ به مڃيو ۽ هر شخص جيڪو مخالف هو ان به مڃي ورتو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي جي سزا غلط ڏني وئي. صحافي سهيل وڙائچ چيو ته ايران خلاف جنگ واري صورتحال کي ڏٺو وڃي ته پاڪستان وٽ ڀٽو اهڙو ليڊر هو جنهن ان وقت ئي پنهنجي ويزن زريعي ڏسي ورتو هو ۽هن پاڪستان کي نيوڪليئر طاقت رکندڙ ملڪ بڻايو هڪ سوال موجود آهي ته ڇا ضياالحق جي قبر فيصل مسجد ۾ هجڻ گهرجي ۽ هن ڇا ڪيو ھو ؟ ڊاڪٽر هما بقائي چيو ته هاڻي اسان کي سمجه اچي پئي ته ڀٽو صحيح هو اڃا به ان ڳاله کي سمجهڻ ۾ 60 سال لڳندا ته ڀٽو واقعي صحيح هو۽هاڻي اسان کي سمجه اچي پيو افغان جهاد ڇا هو آمريڪي مداخلت ڇا هئي ۽ ان وقت ورلڊ آرڊر ڇا هو. احمد شاه خطاب ڪندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو وڏيرن کي مجبور ڪيو ته هو هارين ۽ غريبن وٽ وڃي انهن کان ووٽ گهرن.