تيل اگهن ۾ واڌ خلاف عوامي ورڪرز پارٽي پاران احتجاج جو اعلان

سکر (رپورٽر) عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڪيل تاريخي اضافي خلاف 5 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي. پارٽي جي صوبائي صدر ڪامريڊ ضياءَ ڀٽي، نائب صدر بادل ملڪ، جنرل سيڪريٽري سينگار نوناري، عاليا بخشل ۽ ٻين پنهنجي  گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت جنگ جو جواز ڄاڻائي عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو آهي. اڳواڻن چيو ته حڪومت هڪ ئي ڌڪ سان پيٽرول 138 روپيا ۽ ڊيزل 184 روپيا مهانگو ڪري ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي واڌ ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول 458 ۽ ڊيزل 520 روپيا في ليٽر ٿي ويو آهي. هنن انڪشاف ڪيو ته جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي هينئر تائين تيل اگهن ۾ 72 سيڪڙو واڌ ٿي چڪي آهي، جيڪا جنگ ۾ سڌي ريت شامل ملڪن جي ڀيٽ ۾ به ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. حڪمرانن جو اصل مقصد آئي ايم ايف سان ڪيل عوام دشمن واعدن کي پورو ڪرڻ آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان کي آبنائي هرمز مان تيل جي ڏي وٺ ۾ رعايتون حاصل هجڻ باوجود ڳاٽي ٽوڙ واڌ ثابت ڪري ٿي ته جنگ رڳو هڪ بهانو آهي. عوامي ورڪرز پارٽي پاران آچر 5 اپريل تي ضلعي سطح تي سنڌ گير احتجاجي مظاهرن جو سڏ ڏيندي مزدورن، هارين، شاگردن، عورتن ۽ دڪاندارن کي شرڪت جي ڪوٺ ڏني وئي آهي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪمرانن جي هن عمل خلاف پورهيتن جو گڏيل اتحاد ۽ مزاحمت ئي واحد حل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.