مٺي: ڊاڪٽر کي آپگهات تي مجبور ڪرڻ وارو ڪيس، ضمانتون رد ٿيڻ تي جوابدار فرار

مٺي (رپورٽ: غازي بجير) مٺي جي ايڊيشنل سيشن جج ون جي عدالت پاران چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ واري هاءِ پروفائيل ڪيس ۾ نامزد 7  جوابدارن جون پڪيون ضمانتون رد ڪيون ويون آهن. پر حيرت انگيز طور تي پوليس جي موجودگي باوجود سمورا جوابدار عدالت مان آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ضمانتون رد ٿيڻ بعد فرار ٿيل جوابدارن ۾ صحت کاتي جو ايس او شفيق اڄڻ، اڳوڻو ايم ايس ڊاڪٽر هريش جڳاڻي، ڊاڪٽر موهن لال کتري، ڊاڪٽر عبدالمالڪ نهڙيو، منٺار ڀيل، سردار ڀيل ۽ برڪت هنڱورجو شامل آهن. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سيڪشن آفيسر شفيق اڄڻ عدالت مان تيزي سان ڊوڙون پائي فرار ٿي رهيو آهي، جنهن تي شهرين ڀاگ ارجن ڀاگ جهڙا طنزيا جملا لکي پوليس ۽ انتظاميا کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. فريادي محمد صادق شيخ ۽ سندس وڪيل جهلم سنگهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس ههڙي اهم ڪيس کي ڪا به اهميت نه ڏني. ٻڌڻي دوران پوليس موبائل عدالت ٻاهران موجود هئي، پر ضمانتون رد ٿيڻ شرط پوليس اهلڪار غائب ٿي ويا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي. فريادي ڌر مٺي پوليس تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي اعليٰ اختيارين کان شفاف جاچ ۽ جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. ذريعن موجب جوابدارن جي اهڙي ريت فرار ٿيڻ تي عدالت سڳوري پڻ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.