تيل مهانگو ٿيڻ بعد گڊز ٽرانسپورٽرن ڪرايا 65 سيڪڙو وڌائي ڇڏيا

لاهور/ ڪراچي (نمائندن وٽان) تيل اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان اچي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گڊز ٽرانسپورٽرن ڪراين ۾ 65 سيڪڙو تائين واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر نبيل طارق محمود موجب، ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي ڪاروبار تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ڪرايا وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو. نئين شيڊول موجب، لاهور کان ڪراچي جو ڪرايو هڪ لک 80 هزار روپيا، لاهور کان ڪوئيٽا 2 لک 30 هزار روپيا ۽ لاهور کان پشاور جو ڪرايو ڏيڍ لک روپيا ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پاڪستان گڊز الائنس به ڪراين ۾ 60 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب ٽرانسپورٽ جو شعبو بند ٿيڻ جي ڪناري تي پهچي ويو آهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن به صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. صرف زميني ٽرانسپورٽ ئي نه، پر هوائي سفر به عام ماڻهو جي پهچ  کان ٻاهر ٿيڻ جو امڪان آهي. گذريل هڪ مهيني دوران جيٽ فيول جي قيمت ۾ ڇهين ڀيرو وڏو اضافو ڪيو ويو آهي. تازي 40 روپيا واڌ کانپوءِ جيٽ فيول جي قيمت 517.17 روپيا في ليٽر جي رڪارڊ سطح تي پهچي وئي آهي. ياد رهي ته پهرين مارچ تي جيٽ فيول 188 روپيا هو، جيڪو هاڻي مجموعي طور تي 329 روپيا مهانگو ٿي چڪو آهي، جنهن ڪري ايئرلائنز جي ڪراين ۾ به وڏي واڌ متوقع آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.