خيرپور(ن ع آ)جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي جو ڪاميٽي جي سربراھ ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جي صدارت ھيٺ حيدر منزل خيرپور ۾ اجلاس، 5 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪرڻ جو اعلان اجلاس ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي نواز خان زئور جسقم شھيد بشير خان قريشي جي اڳواڻ اڪبر مڪول ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جنگ جي بهاني سان حڪمران عوام تي مهانگائي جو بار وجهي رهيا آهن تيل موجود هجڻ باوجود پيٽرول جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آهي هنن چيو ته سنڌ مٿان مڙهيل غلامانه نظام ۽ قابض قوتُن جي ڪري اسان جي دولت ۽ قدرت وسيلن جي سخت ڦُر لٽ ٿي رهي آهي وسيلن جي ڦرلٽ سبب سنڌ اندر غربت ۾ واڌ اچي وئي آهي سنڌ جي زرعي معيشت کي هٿرادو طور تباھ ڪيو ويو آهي موجوده برساتن ۾ انب، کجي ۽ ڪڻڪ سميت مختلف فصلن کي نقصان پهتو آهي تنهن ڪري آبادگارن کي ڍلون معاف ڪيون وڃن سٽيزن ايڪٽ وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي تنهن ڪري سٽيزن ايڪٽ کي ختم ڪري ٻاهرين صوبن جي ماڻهن تي سنڌ ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ تي پابند لاڳو ڪئي وڃي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پيٽرول جي وڌايل قيمتن زرعي معيشت جي تباهي خلاف ۽ سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ لاءِ رهبر ڪاميٽي پاران 5 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا.