ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ملڪ ۾ تيل اگهن ۾ رڪارڊ واڌ کانپوءِ جتي عوام سخت پريشان آهي، اتي سوشل ميڊيا واهپيدارن هن صورتحال کي منفرد ۽ مزاحيا انداز ۾ بحث جو موضوع بڻائي ورتو آهي. پيٽرول ۽ ٻارڻ جي اگهن ۾ تاريخي واڌ کانپوءِ فيس بڪ، ايڪس ۽ واٽس اپ تي اهڙيون ميمز وائرل ٿي رهيون آهن، جن کي ڏسي ماڻهو پنهنجو ڏک وساري کلڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. سوشل ميڊيا تي هڪ واپرائيندڙ حڪومتي پاليسين تي تنقيد ڪندي لکيو ته، پيٽرول عرب جي مقدس سرزمين مان نڪري ٿو، ان ڪري حڪومتي ذريعن موجب توهان ان کي جيتري مهانگي اگهه تي خريد ڪبو، اوترو ئي گهڻو ثواب ملندو. اهڙي طرح هڪ ٻي ميم ۾ چيو ويو آهي ته، جيڪڏهن پيٽرول جي قيمت مسلسل مٿي وڃي رهي آهي ته پريشان نه ٿيو، ڇو ته هڪ ڏينهن اسان سڀني کي به ته مٿي ئي وڃڻو آهي. اها صورتحال ظاهر ڪري ٿي ته عوام مسلسل مهانگائي ۽ معاشي دٻاءُ سبب ذهني طور ايترو ٿڪجي پيو آهي جو هاڻي هو پنهنجي مشڪلاتن تي به طنز ۽ مزاح جو سهارو وٺي رهيا آهن. جتي هڪ طرف ٽرانسپورٽ ۽ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، اتي هي ميمز تيزي سان شيئر ٿي رهيون آهن ۽ شهرين جي وڏي انگ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهيون آهن.