تيل اگهن ۾ واڌ واپس نه ٿي ته هڙتال جو سڏ ڏينداسين: حافظ نعيم الرحمان

لاهور (بيورو) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان تيل اگهن ۾ واڌ خلاف ملڪ گير احتجاجي تحريڪ جو اعلان  ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اها واڌ واپس نه ورتي وئي ته سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا هنيا ويندا ۽ ڦيٿو جام هڙتال ڪئي ويندي. لاهور ۾ ملتان روڊ تي وڏي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان بائيڪرز، پورھيت، شاگرد ۽ مڊل ڪلاس طبقو سخت متاثر ٿيندو. هن مطالبو ڪيو ته پيٽرول تي لڳل سمورا ٽيڪس ۽ ليوي ختم ڪري ان جي قيمت اڌ ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته حڪمران آئي ايم ايف جي شرطن آڏو ليٽيل آهن، جڏهن ته آئي پي پيز کي ڪيپسٽي پيمنٽ جي نالي تي عوام جي رت پگهر جي ڪمائي ڏني پئي وڃي. امير جماعت اسلامي چيو ته ايف بي آر ۾ سالياني 1300 ارب روپين جي ڪرپشن ٿئي ٿي، جيڪڏهن اها ڪرپشن روڪي وڃي ته عوام تي ٽيڪسن جو بار گهٽجي سگهي ٿو. هن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو چئني صوبن ۾ وزيراعليٰ هائوسز جي گهراءُ جي تياري ڪن ۽ چيو ته نوجوان ٻاهر نڪرن ته جيئن حڪمرانن کي پنهنجا ظالمانه فيصلا واپس وٺڻ تي مجبور ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.