سکر (رپورٽ آزاد مهر) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي زيرِ اهتمام سکر پريس ڪلب ۾ هڪ تاريخي قومي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جي ميزباني جيئي سنڌ محاذ ڪئي. ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ قومپرست جماعتن جي مرڪزي اڳواڻن، سياسي ڪارڪنن، دانشورن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو ڪنوينر سيد زين شاهه، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اڳواڻ رياض چانڊيو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نواز خان زئور، نور نبي راهوجو، علي شير مهر، ارشاد پيرزادو، سينيئر وڪيل شبير شر، حڪيم زنگيجو سميت ٻين قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪئي.ڪانفرنس جو بنيادي مقصد ايس آءِ ايف سي (خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل) تحت سنڌ جي زرعي زمينن، دريائي پاڻي، قدرتي وسيلن ۽ معدني علائقن تي مبينا قبضي خلاف گڏيل آواز اٿارڻ هو. شرڪت ڪندڙن سنڌ جي عوامي حقن ۽ صوبي جي خودمختياري کي درپيش خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن به قسم جو قبضو ناقابلِ قبول آهي. سنڌو درياهه تي نون ڪينالن جا منصوبا سنڌ دشمن ۽ سنڌ جي زرعي مستقبل کي تباهه ڪري سگهن ٿا ۽ اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ وارن علائقن ۾ بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويندو. هنن سمنڊ جي پاڻي ۽ ساحلي وسيلن تي قبضي جي ڪوششن بابت به ڳالهائيندي چيو ته ان سان ماھيگيرن ۽ ساحلي آبادي کي خطرا پيدا ٿي رهيا آهن.اجلاس ۾ گورک ۽ ڪارونجهر وارن علائقن ۾ غير قانوني قبضي ۽ قدرتي وسيلن جي ڦرلُٽ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي جابلو، معدني ۽ سياحتي علائقن کي مختلف منصوبن جي آڙ ۾ غير مقامي يا نجي قوتن حوالي ڪرڻ صوبي جي مفادن خلاف آهي.سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ايس آءِ ايف سي ذريعي سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضي جون ڪوششون جاري رهيون ته سڄي سنڌ ۾ منظم احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. شرڪت ڪندڙن زور ڏنو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ متحد ٿي ميدان ۾ نڪرندا ۽ هر سطح تي مزاحمت ڪئي ويندي.ڪانفرنس ۾ مختلف قراردادن جي منظوري ڏني وئي، جن ۾ سنڌ جي زمينن، دريائي پاڻي، ساحلي وسيلن، گورک، ڪارونجهر ۽ ٻين قدرتي وسيلن جي تحفظ جو مطالبو شامل هو. حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ سان لاڳاپيل فيصلا صوبائي عوام ۽ لاڳاپيل ادارن جي صلاح مشوري کانسواءِ نه ڪيا وڃن. اجلاس جي پڄاڻي تي اڳواڻن مستقبل لاءِ گڏيل حڪمتِ عملي تيار ڪرڻ، رابطا ڪميٽيون ٺاهڻ ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ عوامي آگاهي مهم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. منظور ڪيل قراردادن ۾ چيو ويو ته پاڪستان هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب برابر قومي وحدتون آهن. آئيني ترميمن ذريعي قومي وحدتن کي ٽوڙي نون صوبن جو قيام وفاق جي تصور خلاف آهي، جنهن کي ڪانفرنس مڪمل طور رد ڪري ٿي.ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته سنڌ ڪروڙين سنڌين جو تاريخي مادر وطن آهي ۽ ڪراچي سنڌ جو اڻ ٽٽ حصو ۽ گادي جو شهر آهي. ڪراچي ۾ لساني سياست کي هٿي ڏئي سنڌ جي وحدت خلاف پروپيگنڊا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. وزيراعظم جي 29 جنوري 2026 واري گڏجاڻي کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو. پاڻي جي ورڇ 1991 واري معاهدي مطابق ٿيڻ گهرجي. 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ڇو ته اهي حقِ حاڪميت، اظهارِ آزادي، پارلياماني بالادستي، عدليه جي آزادي ۽ وسيلن تي قبضي خلاف آهن. اين ايف سي ايوارڊ جي آئيني تحفظ کي ختم يا ڪمزور ڪرڻ جي هر ڪوشش کي سختي سان رد ڪيو ويو. عمران خان، ماهرنگ بلوچ، علي وزير، ياسمين راشد، ايمان مزاري، هادي چٺا، مورو واقعي ۾ گرفتار سياسي قيدين سميت سمورن قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو. پاڪستان لينڊ اينڊ پورٽ اٿارٽي (PLPA) ختم ڪري ساحلي بندرگاهون سنڌ حوالي ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو. مختلف ڪيسن ۽ مسئلن تي عدالتي جاچ ڪرائڻ ۽ گم ٿيل ٻارڙين جي بازيابي جو مطالبو پڻ ڪيو ويو۔