راڌڻ ڀرسان ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ،2 نوجوان قتل،پوليس بي وس

راڌڻ ،(رپورٽ: ھريش ڪمار) راڌڻ ٿاڻي ۾ حدراڌڻ ڀرسان سولنگي ۽ بروهي برادرين ۾ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو.سولنگي برادري جا 2 نوجوان قتل، خبر موجب راڌڻ ٿاڻي جي حد ۾ 2 مهينا اڳ ڳوٺ بهرام بروهي ۽ ڳوٺ دلاور سولنگي جي سولنگي، بروهي برادري وچ ۾ راڌڻ فضل فقير جي ميلي تي معمولي جهيڙي تان نوجوان توفيق جتوئي قتل ٿي ويو هيو. جنهن بعد ٻنهي ڌرين ۾ مختلف وقتن تي تڪرار ۽ فائرنگ جو سلسلو جاري رهندو هيو جڏهن ته ان وچ ۾ مامري کي حل ڪرڻ مختلف برادرين جي چڱن، سيد ،مير ،پير،معزن، سولنگي، بروهي ۽ جتوئي برادرين ڏي مسئلو ڳالهين ذريعي نبيرڻ جو ميڙ منٿ قافلا پڻ پهتا. جنهن بعد اڍائي مهينن بعد ٻيهر راڌڻ ڀرسان ڳوٺ دلاور سولنگي ۽ ڳوٺ بھرام بروھي جي ڌرين صابر سولنگي ۽ عبدالمالڪ بروھي ڌرين وچ ۾ جديد ھٿيارن سان  ٻيهر جهيڙو ڀڙڪي پيو.ڪالھپرھ ڦٽي مھل  سان فائرنگ جي نتيجي ۾ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ مزدور علي گل سولنگي ۽ سولنگي ڌر جو مک نوجوان صابر سولنگي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويا آهن. جڏھن ته اسد سولنگي ۽ شفيق سولنگي شفي محمد جمن سولنگي سميت ڪيترائي ٻيا ماڻھو زخمي ٿي پيا. زخمين ۽ فوتين کي ابتدائي طور راڌڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جتان کين وڌيڪ علاج ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ ميھڙ تعلقا اسپتال گمس نيو ويو آهي. ٻئي پاسي علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي ۽ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته واقعي سبب راڌڻ، موھن جو دڙو ۽ ڏوڪري ويندڙ روڊ بند ٿي ويو آھي ٻنھي ڌرين جا ڳوٺ ھڪ ٻي جي سامھون آھن علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو راڌڻ ۽ آسپاس ڳوٺن ۾ خوف حراس واري صورتحال راڌڻ شھر ۽ رستا ويراني جو ڏيک ڪارو بار تي وڏو اثر پئجي ويو، جڏهن ته واقعي جو پوليس اختيارن جي نوٽيس بعد پوليس اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي وئي  آخري اطلاعن تائين جھيڙي واري واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿيو ھوڏانھن  معلوم ٿيو آھي بروھي ڌر جو ڪوبه ماڻھو زخمي نه ٿيو آھي اھو معلوم ٿيو آھي بروھي ڌر جو ٽريڪٽر زرعي زمين ھلي رھيو ھيو ان کي سولنگي ڌرجي ماڻهو ڪاهي وياآھن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.