ڪراچي (رپورٽر) انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته هلندڙ سال جنوري کان ڪچي جي علائقي ۾ "نجات مهران آپريشن” تيز ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 32 ڌاڙيل مارجي ويا، 100 کان وڌيڪ گرفتار ٿيا جڏهن ته 225 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. ڪچي جي علائقي کي ڌاڙيلن کان مڪمل پاڪ ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ماڻهو پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ بنا ڪنهن خوف جي ڪچي ۾ سفر ڪري سگهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورنگي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي) ۾ صنعتڪارن سان خطاب دوران ڪيو. تقريب ۾ ڪاٽي جي صدر محمد اڪرام راجپوت، ڊپٽي پيٽرن ان چيف زبير ڇايا، سينئر نائب صدر زاهد حميد، نائب صدر محمد طلحه علي، قائمه ڪميٽي جي چيئرمين دانش خان، سي اي او ڪائيٽ لميٽڊ زاهد سعيد، اڳوڻن صدرن ۽ چيئرمينن فرحان الرحمان، جنيد نقي، سليم الزمان، فرخ مظهر، احتشام الدين، مسعود نقي، طارق ملڪ، يو بي جي سنڌ جي چيئرمين خالد تواب، حنيف گوهر، ٽينرز ايسوسي ايشن جي چيئرمين دانش امان، اسرار احمد، ڊي آئي جي ٽريفڪ پير محمد شاهه، ڊي آئي جي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ، ايس ايس پي ڪورنگي فدا حسين جانوري، ايس ايس پي انويسٽيگيشن قيص خان، ايس ايس پي علي رضا سميت ٻين ميمبرن، صنعتڪارن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. آئي جي سنڌ جاويد عالم اوڍو وڌيڪ چيو ته انگن اکرن موجب گذريل سال مارچ جي مقابلي ۾ هلندڙ سال مارچ ۾ موٽرسائيڪل کسڻ جي واقعن ۾ 54 سيڪڙو، گاڏيون کسڻ ۾ 48 سيڪڙو ۽ موبائل فون کسڻ جي واقعن ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ هڪ سال دوران 16 هزار 500 موبائل فون کسڻ جا واقعا ٿيا، پر جيڪڏهن ٻين ترقي يافته شهرن سان مقابلو ڪيو وڃي ته لنڊن ۾ 84 هزار واقعا ٿين ٿا، ان لحاظ کان ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال لنڊن ۽ نيويارڪ جهڙن شهرن کان بهتر آهي. جاويد عالم اوڍو چيو ته گن پوائنٽ تي ڦر دوران قتل جي واقعن ۾ 88 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. اهي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ڪراچي ۾ ڏوهه گهٽجي رهيا آهن ۽ پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي. هن چيو ته مقامي سطح تي سهڪار کان بغير پوليس ڪامياب نٿي ٿي سگهي، تنهنڪري ضروري آهي ته ڪراچي جا شهري ۽ عوام پوليس سان تعاون ڪن. هن وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ جي صورتحال کي بهتر بڻايو پيو وڃي، سيف سٽي پروجيڪٽ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن ۾ چهرن جي سڃاڻپ ڪندڙ ڪيمرائن سميت 2 هزار 225 جديد ۽ هائي ٽيڪ ڪيمرائون لڳايون پيون وڃن. صدر ڪاٽي چيو ته جاچ (انويسٽيگيشن) ۾ بهتري وقت جي اهم ضرورت آهي. ڊپٽي پيٽرن ان چيف زبير ڇايا چيو ته ڪورنگي صنعتي علائقي جي 6 وڏن ايڪسپورٽرز جي ڪل برآمدات 1.5 ارب ڊالر آهي جيڪا پاڪستان جي مجموعي برآمدات جو 5 سيڪڙو آهي، اهڙي طرح ڪورنگي صنعتي علائقي جي مجموعي برآمدات ملڪ برآمدات جو 9 سيڪڙو آهي. انهن ادارن جي مالڪن کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، جنهن تي ڪاٽي پاران ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي جنهن ۾ اعليٰ عهدن تي فائز معتبر آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو جن جي اڻٿڪ محنت سان بليڪ ميلنگ ملوث عنصرن کي بي نقاب ڪيو ۽ قانون جي مطابق ڪارروائي ڪئي. زبير ڇايا چيو ته شهر ۾ ڏوهن جي صورتحال ڪافي بهتر آهي. ڪائيٽ لميٽڊ جي سي اي او زاهد سعيد چيو ته ڪراچي مان 10 لک کان وڌيڪ غير مقامي ماڻهن کي واپس موڪلڻ هڪ وڏو چئلينج هو جنهن کي پاڪ فوج بهتر نموني انجام ڏنو.