سيڪيورٽي ٻاهر کان خريد نٿي ڪري سگهجي\اڳوڻو ايراني پرڏيهي وزير

تهران(عوامي آواز نيوز)ايران جي اڳوڻي پرڏيهي وزير جواد ظريف نار ۾ پنهنجي پاڙيسري عرب ملڪن کي پيغام ڏيندي چيو آهيته نار جي ملڪن گذريل 50 سالن دوران ايران خلاف سيڪيورٽي کي “وڪرو” ڪيو آهي، پر ياد رکڻ گهرجي ته سيڪيورٽي ٻاهر کان خريد نه ٿي ڪري سگهجي۔سماجي رابطن واري ويب سائيٽ “ايڪس” تي جاري پنهنجي تجزيي ۾ جواد ظريف چيو ته ڏکڻ خليج فارس ۾ اسان جي پاڙيسرين لاءِ ياد ڏياريندڙ ڳالهه اها آهي ته سيڪيورٽي ٻاهر کان حاصل نه ٿي ڪري سگهجي، ۽ ٻاهرين فوجي بيسز استحڪام نٿا آڻين، بلڪه اهي جنگ لاءِ ماحول تيار ڪن ٿا۔هن چيو ته خليج تعاون تنظيم جي اڪثر ملڪن گذريل 50 سالن کان ايران خلاف سيڪيورٽي کي فروخت ڪيو آهي۔جواد ظريف ماضي جي واقعن جو سال وار جائزو پيش ڪندي ٻڌايو ته 1980 کان 1988 تائين صدام حسين جي ايران خلاف جنگ لاءِ فنڊنگ ڪئي وئي، ۽ 1985 ۾ ايران جون علائقائي سيڪيورٽي تجويزون رد ڪيون ويون۔هن وڌيڪ چيو ته 1990 کان 1992 دوران صدام حسين جي ڪويت تي حملي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ بعد ايران خلاف ڇڪتاڻ کي اختيار ڪيو ويو، جڏهن ته اهي ئي ملڪ ايران جا بنيادي مالي سهائتا ڪندڙ هئا،هن  وڌيڪ چيو ته 2001 کان اڄ تائين “نانگ جو ڪنڌ ڪٽڻ” واري حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي، 2015 ۾ ايران جي جارحيت مخالف معاهدي کي رد ڪيو ويو ۽ ايران خلاف آمريڪي بيسز لاءِ ادائيگيون ڪيون ويون۔ هن اهو به ٻڌايو ته 2015 کان اڄ تائين گڏيل جامع ايڪشن پلان (JCPOA) جي مخالفت ۾ لابنگ ڪئي وئي ۽ ايران خلاف وڌ کان وڌ دٻاءُ واري پاليسي جي حمايت ڪئي وئي، جنهن سبب عوام جي معاشي حالت متاثر ٿي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي ذاتي دولت ۾ واڌ ٿي۔ جواد ظريف 2019 جي هرمز امن معاهدي جي رد ٿيڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته ايران تي پابندين جي حمايت ڪئي وئي، جنهن سان ايران لاءِ آبناءِ هرمز مؤثر طور تي بند ٿي وئي۔وچ اوڀر جي ملڪن بابت ڳالهائيندي اڳوڻي ايراني پرڏيهي وزير  چيو ته انهن ايران خلاف جنگ ۾ ٻين اتحادي ملڪن کان به وڌيڪ جلدي مدد ڪئي، پر ان جي بدلي ۾ کين ذليل ڪيو ويو ۽ اسرائيل لاءِ ڍال طور استعمال ڪيو ويو۔هن آخر ۾ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جلد هليو ويندو، پر ايران هميشه قائم رهندو، ۽ سيڪيورٽي سڀني کي ملڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.