ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ ۾ استادن جي تربيت بابت قائم ادارن جي نئين سر جوڙجڪ، انتظامي حڪمت عملي جو طريقيڪار واضح ڪرڻ ۽ استادن جي تربيت کان وٺي ٽيچرز لائسنس کي حاصل ڪرڻ تائين رهنمائيءَ وارو نظام جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اسڪول ايجوڪيشن واري سيڪريٽري زاهد علي عباسي، سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر رضوان سومرو، سنڌ ٽيچرز ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر رسول بخش شاهه، ڊي جي مانيٽرنگ اينڊ ايويليويشن، ڊي جي پروونشل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچرز ايجوڪيشن ايڊيشنل ڊائريڪٽر آف ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽس ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت استادن جي تربيت جي نظام کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ جامع سڌارا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي بهتريءَ بابت اسان جو مقصد واضح آهي ته استادن جي تعليم، مسلسل ترقي (CPD) ۽ ٽيچنگ لائسنس جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن تدريسي شعبو وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي.” صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته اداراجاتي هم آهنگي، نگراني ۽ ڪارڪردگيءَ جي نظام کي بهتر بڻايو ويندو. اجلاس ۾ اهو پڻ غور هيٺ آيو ته هيومن ريسورس ونگ استادن جي معاملن ۽ ڪيريئر جي ترقيءَ جي نظام کي سنڀاليندو. هر استاد جو ڀرتي کان وٺي پروفيشنل سفر جي تمام مرحلن جو مڪمل رڪارڊ محفوظ ڪيو ويندو.