آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ عالمي اجلاس سڏائڻ جو اعلان، جنگ ۾ شامل نه ٿينداسين\برطانوي وزيراعظم

لنڊن(م ڊ) برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ برطانيه وچ اوڀر جي جنگ ۾ شامل نه ٿيندو.لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو ته ايران ۽ آمريڪا اسان جي جنگ ناهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ ان ۾ شامل نه ٿينداسين. هن خبردار ڪيو ته ايران جنگ جا اثر اسان جي مستقبل کي متاثر ڪندا، تنهنڪري اسان برطانيه کي هن جنگ ۾ گهيلڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان ايندڙ نسلن کي محفوظ ملڪ ڏيڻ چاهيون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ برطانوي وزيراعظم چيو ته آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ پرڏيهي سيڪريٽري ييٽي ڪوپر سياسي ۽ سفارتي قدمن لاءِ ڪم ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ هو عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان نيٽو اتحاد کان ڌار ٿيڻ تي غور ڪرڻ بابت سوال تي برطانوي وزيراعظم چيو ته ڀلي ڪيترو به دٻاءُ ڇو نه هجي، اسان کي پنهنجي ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻا آهن.  برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته هاڻي اهو واضح ٿي رهيو آهي ته برطانيا جو ڊگهي مدي وارو قومي مفاد يورپي ملڪن ۽ يورپي يونين سان ويجهي ڀائيواري ۾ آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ برطانوي اخبار ٽيليگراف کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته هو آمريڪا کي نيٽو اتحاد مان ڪڍڻ تي غور ڪري رهيو آهي. ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس دوران جڏهن ته  وزيراعظم اسٽارمر کان پڇيو ويو ته ڇا هو ٽرمپ سان ڇڪتاڻ سبب يورپ جي ويجهو وڃي رهيو آهي؟جنهن جي جواب هن چيوته هو يورپ ۽ آمريڪا مان ڪنهن هڪ جي چونڊ نه پيو ڪري، پر ٻنهي سان مضبوط لاڳاپا ملڪي مفاد ۾ آهن.پريس ڪانفرنس دوران هن اعلان ڪيو ته برطانيا جو پرڏيهي وزير عالمي اڳواڻن جي هڪ سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو، جنهن ۾ آبناءِ هرمز ۾ جهازراني جي بحالي واري منصوبي تي غور ڪيو ويندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.