وارسا(م ڊ) پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پولينڊ پنهنجي پيٽرياٽ ايئر ڊفينس سسٽم وچ اوڀر موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ان ڏس ۾ پولش بچاءَ واري وزير چيو آهي ته پيٽرياٽ بيٽريون ۽ سندن هٿيار پولينڊ جي فضائي حدن ۽ نيٽو جي اوڀر واري محاذ جي دفاع لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي.رپورٽن موجب، اهو اعلان اهڙين خبرن کان پوءِ ڪيو ويو، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته آمريڪا ايران خلاف جنگ ۾ اهو سسٽم استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.
-
آبناءِ هرمز ۾ بارودي سرنگهون وڇائڻ جو ڪو به ثبوت ناهي مليو:فرانسيسي نيوي
پيرس(عوامي آواز نيوز)فرانسيسي بحريه جي سربراهه چيو آهي ته اڃا تائين آبناءِ هرمز ۾ بارودي سرنگون وڇائڻ جو ڪو ثبوت موجود ناهي۔پيرس ۾ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فرانسيسي بحريه جي سربراهه ايڊمرل نڪولا چيو ته آبناءِهرمز مان گذرندڙ چيني جهازن جو تعداد معمول جي ٽريفڪ وهڪري کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي، ۽ چين کي ممڪن طور تي هن بحث ۾ سڌي طرح شامل ٿيڻو پوندو۔هن چيو ته آبنائے هرمز جي معاملي ۾ فرانس ڪيترن ئي ملڪن کي سياسي سطح تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن آبناءِ هرمز کي پائيدار طريقي سان ٻيهر کولڻ لاءِ شرطن تي اتفاق ٿي سگهي۔فرانسيسي بحريه جي سربراهه وڌيڪ چيو ته اڃا تائين آبناءِ هرمز ۾ بارودي سرنگون وڇائڻ جو ڪو ثبوت ناهي، ۽ ٻيهر کولڻ کان پوءِ هرمز جي نگراني لاءِ لازمي طور تي فوج جي ضرورت پوندي۔