واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي ڊيموڪريٽ سينيٽر ڪرس ڪونز ايران جنگ جي تناظر ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي سختتنقيد جو نشانو بڻايو آهي۔ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي سينيٽر چيو آهي ته ٽرمپ جي ايران جنگ سبب آمريڪا ۾ هر شيءِ مهانگي ٿيندي پئي وڃي۔ هن چيو ته آمريڪا ۾ صرف ٻارڻ جون قيمتون نه، پر خوراڪ جون شيون، يوٽيلٽي بلز ۽ گهرن جا قرض به متاثر ٿي رهيا آهن،هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ جي ايران جنگ ۾ وڃڻ واري فيصلي سبب آمريڪا ۾ هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي، ۽ جنگ جو فيصلو ڪرڻ جي قيمت آمريڪي عوام ادا ڪري رهيو آهي۔عرب ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي ڊيموڪريٽ سينيٽر سينيٽ جي پرڏيهي تعلقات واري ڪميٽي جو ميمبر پڻ آهي۔