ڪراچي (رپورٽر) سعودي عرب ۾ سرگرم هڪ منظم پينو فقيرن جي نيٽ ورڪ طرفان حوالا هنڊي ذريعي رقم منتقل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ايف آءِ اي اميگريشن جو چوڻ آهي ته فيصل آباد رهواسي مسافر محمد جميل ۽ گڙيا بي بي سعودي عرب کان ڪراچي پهتا هئا، جن کي ڪليئرنس دوران شڪي بنيادن تي روڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ پتو پيو ته ٻئي ڄڻا عمري جي ويزا تي پرڏيهه ويا هئا ۽ هنن جهلم جي ايجنٽ ڪشمير علي ذريعي سفر ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. وڌيڪ جاچ دوران هڪ اهڙي منظم گروهه جو پتو پيو جيڪو سعودي عرب ۾ پنڻ ذريعي رقم گڏ ڪندو هو ۽ اها رقم حوالا هنڊي ذريعي ڪئناڊا ۾ موجود ايجنٽ ڏانهن موڪلي ويندي هئي. جاچ اختيارين موجب، جوابدارن هڪ سهولتڪار افتخار عرف ”وڪيل“ جو نالو ظاهر ڪيو آهي، جيڪو مختلف ملڪن ۾ ماڻهن کي پنڻ لاءِ موڪليندو هو. اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي موبائل فونن مان رقم جي منتقلي جون رسيدون ۽ آواز وارا پيغام (وائس نوٽس) پڻ هٿ آيا آهن. ٻنهي مسافرن کي گرفتار ڪري وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اي ايڇ ٽي سي ڪراچي جي حوالي ڪيو ويو آهي.