ڪراچي(رپورٽر) منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير ۽ ڄام خان شورو جي صدارت هيٺ عالمي بينڪ جي منصوبن بابت هڪ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيئرمين منصوبابندي ۽ ترقي سيد نجم احمد شاهه ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران بجيٽ اسٽريٽجي پيپر (بي ايس پي 2026-29) تي تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سمورن جاريترقياتي منصوبن ۽ پرڏيهي فنڊنگ سان مڪمل ڪيل منصوبن جو جامع جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڄام خان شورو چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن کي ترجيح ڏني ويندي. منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير سنڌ چيو ته هن قدم جو مقصد ماڻهن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.
-
ايران جا حملا:ڪويت پاران نيشنل بئنڪ بند ڪرڻ جو اعلان
ڪويت سٽي(عوامي آواز نيوز)ڪويت ايران جي وڌندڙ حملن جي پيشِ نظر نيشل بئنڪ کي ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔وچ اوڀر ۾ جاري جنگ دوران ايران جي مسلسل حملن سبب ڪويت جي هڪ وڏي بئنڪ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي پنهنجو هيڊڪوارٽر عارضي طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،نيشنل بئنڪ آف ڪويتپنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو اربع ۽ خميس تي گادي واري هنڌ ۾ موجود پنهنجو هيڊڪوارٽر ۽ صنعتي علائقي سبحان واري برانچ بند رکندو۔بئنڪ موجب اهو فيصلو موجوده حالتن، عملي جي حفاظت ۽ ڪاروباري تسلسل کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي۔