مردان ۾ جابلو ڇپ ڪرڻ سبب 7 پورهيت فوت

مردان(م ڊ) مردان جي ننگ آباد علائقي ۾ سنگ مرمر جي کاڻ دوران مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي ڪري لينڊ سلائيڊنگ ۾ ست مزدور فوت ٿي ويا. ريسڪيو اهلڪارن اڃا تائين ست مزدورن جا لاش ڪڍيا آهن ۽ ٽي زخمي ٿيا آهن. زخمي مزدورن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهيجتي انهن جي حالت نازڪ آهي. ريسڪيو عملدارن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته وڌيڪ مزدور ملبي هيٺان دٻجي سگهن ٿا، ۽ بچاءُ جون ڪارروايون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.