ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاه شيرازي جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ون ۾ اوقاف کاتي جي زرعي ۽ شهري ملڪيتن بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ سيڪريٽري اوقاف اختر حسين بگٽي، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف حيدرآباد مختيار علي ابڙو، مختلف ضلعن جا ايڊمنسٽريٽر، انجنيئر، مينيجرز ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران اوقاف کاتي جي ملڪيتن جي اثرائتي استعمال، ڪرائي جي نظام ۾ بهتري ۽ جاري ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ صوبائي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيترائي اهم ۽ عملي نوعيت جا فيصلا ڪيا ويا۔ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاه شيرازي هدايت ڪئي ته اوقاف کاتي جي ملڪيتن کي ڊپٽي ڪمشنرن طرفان مقرر ڪيل اگهن موجب نون ڪراين تي ڏيڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن۔ اجلاس ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ آفيسرن ۽ عملي جي ڊيو پروموشنز جي عمل کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته منگهوپير درگاهه جي خسته حال ڀت جي نئين سر تعمير جي باضابطه منظوري پڻ ڏني وئي۔ وڌيڪ، اوقاف کاتي جي ملڪيتن تي ناجائز قبضا ختم ڪرڻ لاءِ سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔ صوبائي وزير واضح ڪيو ته کاتي جي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔