ميرپورخاص بورڊ جو ڪنٽرولر برطرف

ڪراچي (رپورٽر) ميرپورخاص بورڊ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جي نتيجن ۾ بدعنواني سبب ڪنٽرولر امتحانات انجنيئر انور عليم خانزاده کي برطرف ڪيو ويو آهي۔ سنڌ حڪومت ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جي نتيجن ۾ ڦير ڦار ۽ جعلي سرٽيفڪيٽن جي معاملي تي ڪنٽرولر امتحانات انور عليم خانزاده کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو آهي۔ محمد اسماعيل راهو چيو ته ڪنٽرولر خلاف فيبروري 2026 ۾ تيار ڪيل جاچ رپورٽ ۾ ايس ايس سي ۽ ايڇ ايس سي جي نتيجن ۾ وڏي پيماني تي ٽيمپرنگ جا الزام ثابت ٿيا آهن۔ صوبائي وزير يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊز محمد اسماعيل راهو موجب، انور عليم خانزاده نه ته شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏنو ۽ نه ئي ذاتي ٻڌڻي لاءِ پيش ٿيو، جنهن کان پوءِ E&D قاعدن تحت سندس برطرفي عمل ۾ آندي وئي۔ هن ٻڌايو ته ميرپورخاص ۾ 2021 کان 2025 تائين 1068 ميٽرڪ ۽ 1471 انٽر جي مارڪ شيٽن ۽ سرٽيفڪيٽن کي رد ڪيو ويو آهي۔ صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته هن معاملي ۾ ملوث ٻين آفيسرن ۽ ايجنٽن خلاف به جاچ جاري آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.