تهران/واشگنٽن/تل ابيب/لنڊن (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ صورتحال انتهائي خطرناڪ موڙ تي پهچي وئي آهي، آمريڪا ۽ اسرائيل بنڪر بسٽن بمن ذريعي اصفهان تي حملو ڪيو آهي. ان تي ايران پاران اسرائيل جي شهري علائقن تي سڌي ميزائل بمباري ڪئي وئي آهي، اصفهان ۾ موجود ايراني هٿيارن جي ذخيرن کي”بنڪر بسٽر“ بمن ذريعي نشانو بڻايو ويو آهي، ايراني فوج اصفهان ويجهو 30 ملين ڊالر ماليت جو آمريڪي ريپر ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته لبنان محاذ تي حزب الله هٿان وڌيڪ اسرائيلي فوجين جي مارجڻ جا اطلاع مليا آهن، ٻئي پاسي سمنڊن ۾ تيل جي جهازن کي نشانو بڻائڻ جي واقعن عالمي واپار کي پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جتي دبئي ويجهو ڪويتي تيل جي جهاز تي ڊرون حملي کانپوءِ باهه لڳڻ واري واقعي وڏي ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ايران پاران وڌيڪ 20 پاڪستاني جهازن کي گذرڻ جي اجازت ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي. دبئي ويجهو سمنڊ ۾ ڪويتي جهنڊي واري آئل ٽينڪر تي حملي کانپوءِ جهاز ۾ باهه لڳي وئي.پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڪچي تيل سان ڀريل آئل ٽينڪر کي نشانو بڻايو ويو، جنهن کانپوءِ جهاز ۾ باهه لڳي وئي. اماراتي اختيارين موجب، ڪويتي جهنڊي واري آئل ٽينڪر السلمي تي ڊرون حملي کانپوءِ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، جڏهن ته ڪنهن به قسم جو تيل وهڻ يا عملي کي جاني نقصان ناهي ٿيو.شپنگ ڊيٽا موجب، هي جهاز چين جي شهر چنگ ڊائو ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ ان ۾ لڳ ڀڳ 12 لک بيرل سعودي ڪچو تيل ۽ 8 لک بيرل ڪويتي ڪچو تيل موجود هو. پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن نار ۾ هڪ اهڙي ڪنٽينر جهاز کي نشانو بڻايو جيڪو اسرائيل سان تعلق رکي پيو، جڏهن ته شپنگ ڊيٽا موجب، اهو اشارو سنگاپور جي جهنڊي واري جهاز هاءِ فونگ ايڪسپريس ڏانهن هو، جيڪو حملي وقت السلمي جهاز جي ويجهو لنگر انداز هو. ايران جا وچ اسرائيلي علائقن تي ميزائل حملا ڪيا ويا، 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اسرائيلي ميڊيا موجب، تل ابيب، بني براڪ ۽ پيتاح تڪوا سميت مختلف علائقن ۾ ميزائل ڪِرڻ جا اطلاع مليا آهن. رپورٽ موجب، ايران طرفان صبح ڪيل ميزائل حملن ۾ وچ اسرائيل ۾ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان چڪرين ۾ وڌيڪ 4 اسرائيلي فوجي مارجي ويا.اسرائيلي فوج موجب، ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان چڪرين دوران وڌيڪ 4 فوجي مارجي ويا. عرب ميڊيا موجب ، چڪرين دوران مارچ کان هينئر تائين 10 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن ۽ ڪيئي زخمي ٿيا آهن.