واشنگٽن/تهران (م ڊ) آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ اسرائيلي حملي ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي شهادت ۽ سندس پٽ مجتبيٰ خامنه اي جي بچڻ بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن۔ رپورٽ موجب، 28 فيبروري تي اسرائيلي لڙاڪا جهازن تهران جي وچ ۾ هڪ ڪمپليڪس تي حملو ڪيو، جنهن ۾ علي خامنه اي سميت دفاعي ڪونسل ۽ پاسداران انقلاب جا اعليٰ سربراهه شهيد ٿي ويا۔ هي ڪارروائي هڪ سال تائين جاري انٽيليجنس آپريشن جو نتيجو هئي جنهن ۾ ايراني قيادت جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وئي۔ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مجتبيٰ خامنه اي ميزائل حملي وقت ساڳئي ڪمپليڪس ۾ موجود هو، پر حملي کان ڪجهه سيڪنڊ اڳ باغ ۾ وڃڻ سبب سندس جان بچي وئي، جڏهن ته ڌماڪي ۾ سندس گهرواري ۽ نياڻي جي شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن۔ اخبار موجب، ايراني قيادت خطرن باوجود محفوظ بنڪرن ۾ منتقل ٿيڻ بدران مٿين منزل تي ملاقات ڪري رهي هئي، جنهن کي اسرائيلي انٽيليجنس آخري لمحي تي نشانو بڻايو۔