بيجنگ/اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۽ چين وچ اوڀر ۽ وار وارن ملڪن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۽ امن جي قيام لاءِ پنجن نقطن تي ٻڌل گڏيل منصوبو پيش ڪري ڇڏيو آهي. بيجنگ ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي چيني هم منصب وانگ يي سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد گڏيل امن ايجنڊا جاري ڪئي وئي. پڌرائي موجب پاڪستان ۽ چين وچ اوڀر واري تڪرار کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ ۽ جنگ کان متاثر علائقن ۾ انساني امداد جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. ٻنهي ملڪن ايران سميت نار وارين رياستن جي خودمختاري، علائقائي سلامتي جي تحفظ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته مسئلن جي حل لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهيون ئي واحد رستو آهن، تنهنڪري تمام ڌريون فوري طور پرامن حل لاءِ ڳالهيون شروع ڪن. گڏيل پڌرائي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ڪو به ملڪ طاقت جو استعمال يا ڌمڪي نه ڏئي ۽ شهرين جي تحفظ سان گڏ غير عسڪري ٺڪاڻن تي حملا فوري طور تي بند ڪيا وڃن. ان سان گڏوگڏ توانائي جي وسيلن، بجلي گهرن، پاڻي صاف ڪرڻ جي پلانٽن ۽ پرامن جوهري ٺڪاڻن جي تحفظ کي پڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستان ۽ چين عالمي واپار ۽ توانائي جي فراهمي لاءِ آبنائي هرمز کي انتهائي اهم قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته سامونڊي ٻيڙن ۽ عملي جي حفاظت کي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن واپاري اچ وڃ بحال رهي سگهي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ايران جي معاملي تي اسٽريٽجڪ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين هر حال جا اسٽريٽجڪ پارٽنر آهن ۽ عالمي مسئلن تي ٻنهي جو موقف هڪ جهڙو آهي. چين پاران جنگ دوران تاريخي ماڳن کي پهچندڙ نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته آمريڪا ۽ اسرائيل فوري طور تي فوجي ڪارروايون بند ڪن. پرڏيهي پرڏيهي ترجمان موجب هي پنج نقطن وارو منصوبو خطي ۾ دائمي امن جي قيام لاءِ هڪ اهم اڳڀرئاي ثابت ٿيندو.