ايران پاران جنگ بندي لاءِ ضمانت طلب، چين ضامن ٿيندو؟

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ جانز هاپڪنز يونيورسٽي اسڪول آف ايڊوانسڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز سان لاڳاپيل ممتاز اسڪالر، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اڳوڻي سينيئر صلاحڪار، وچ اوڀر ۽ ايران معاملن جو عالمي سطح تي تسليم ٿيل ماهر ولي نصر موجب ايران آمريڪا سان ڪنهن به ممڪن معاهدي لاءِ مضبوط ۽ قابلِ اعتماد ضمانتن جو مطالبو ڪيو آهي، سفارتي حلقن ۾ گردش ڪندڙ اطلاعن موجب پاڪستان جو پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بيجنگ جو دورو ڪري رهيو آهي ته جيئن چين کي هن امڪاني معاهدي ۾ ضامن طور شامل ڪري سگهجي جيڪو بظاهر ايران جي ڳالهين ۾ شموليت جي بنيادي شرط بڻجي رهيو آهي، جڏهن ته اهو به واضح آهي ته پاڪستان هن حساس تجويز کي واشنگٽن ۽ بيجنگ ٻنهي سان اڳواٽ صلاح مشوري کان سواءِ اڳتي نٿو وڌائي سگهي ، ۽ چين جي طرفان اڃا تائين ڪا حتمي رضامندي سامهون نه اچڻ باوجود تازي چين-پاڪستان پنج نقطن واري اعلاميه مان اهو اشارو ملي ٿو ته بيجنگ هن ڪردار کي مڪمل طور رد نه ڪيو آهي پر پاڻ کي هڪ ممڪن ٽياڪڙ طور پيش ڪرڻ جي گنجائش رکي آهي، انهيءَ تناظر ۾ پاڪستان جي آرمي چيف عاصم منير جي بيجنگ ۾ موجودگي ۽ انهن جا ڊونلڊ ٽرمپ ۽ جي ڊي وينس سان لاڳاپا هن پيچيده سفارتي منظرنامي کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائين ٿا، معروف صحافي اعزاز سيد موجب اسلام آباد مان ملندڙ معلومات به انهيءَ رخ ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته اجلاس کان فوري پوءِ صدر آصف علي زرداري جو بنا ڪنهن اڳواٽ اعلان جي چيني سفارتخاني جو دورو ۽ ان کان پوءِ پرڏيهي وزير جو فوري چين جو دورو انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته پردي پٺيان سفارتڪاري تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، جڏهن ته سينيٽر مشاهد حسين سيد موجب چين ۽ پاڪستان جو پنج نقطن وارو فريم ورڪ ايران جي مؤقف سان هم آهنگ آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ سيز فائر بدران پائيدار امن، گڏيل قومن جي بالادستي ۽ عالمي قانونن جي پاسداري تي زور ڏنو ويو آهي جيڪو چين جي بطور ٽياڪڙ ڪردار جي تياري کي ظاهر ڪري ٿو، دفاعي تجزيه نگار محمد سعيد جو چوڻ آهي ته پاڪستان، ترڪي، مصر ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن جي شروعاتي سفارتي ڪوششن کان پوءِ هاڻي چين جي باضابطه شموليت هن عمل کي نئون رخ ڏئي رهي آهي ۽ ممڪن طور ڪنهن جامع فارمولي تي ڪم جاري آهي جنهن جا تفصيل اڃا منظرعام تي نه آيا آهن، انهيءَ دوران آمريڪا جي طرفان لڳاتار ڌمڪين سان گڏ عملي اڳڀرائي هن ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته واشنگٽن پنهنجي مؤقف کي سنجيدگي سان مڃرائڻ چاهي ٿو، تجزيه نگار علي ڪي چشتي موجب ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳجها بيڪ چينل رابطا فعال آهن جن ۾ ايران جي پاسداران انقلاب پاسداران انقلاب ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي ۽ سفارتي عملدارن جي وچ ۾ پيغامن جي ڏي وٺ ٿي رهي آهي ۽ ابتدائي اعتماد سازي قدم هن ڳالهه جو ثبوت آهن ته ٻئي ڌريون ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ سنجيده آهن جڏهن ته اصل رڪاوٽ ضمانتن جي کوٽ آهي جنهن ۾ آبناءِ هرمز جي سيڪيورٽي، ايران تي حملا نه ٿيڻ ۽ خليجي ملڪن کي نشانو نه بڻائڻ جهڙا نڪتا شامل آهن، انهيءَ ڪري تهران هڪ قابل اعتماد ضامن جو خواهشمند آهي ۽ چين کي هن ڪردار لاءِ اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪجهه مبصرن موجب اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تازن پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کان پوءِ پڌرائي جاري نه ٿيڻ دراصل جاري ڳالهين جي حساسيت کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ان کان فوراً پوءِ ٿيندڙ سفارتي سرگرميون انهيءَ ڳالهه جو اشارو ڏين ٿيون ته ڪو وڏو بريڪ ٿرو غور هيٺ آهي، وڌيڪ اهو ته ٽروٿ سوشل تي ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان هڪ طاقتور ملڪ جي ڳالهين ۾ شموليت کي ڀليڪار قرار ڏيڻ ۽ چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماؤ ننگ جو پاڪستان جي ثالثي ڪوششن جي حمايت جو اعلان هن تاثر کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو ته چين کي هن عمل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو اڳ ئي ٿي چڪو آهي، هن سموري صورتحال ۾ پاڪستان جي طرفان چين کي سفارتي عمل ۾ شامل ڪرڻ جي حڪمت عملي بظاهر مؤثر ثابت ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته چين نه رڳو عالمي سطح تي معاشي ۽ سياسي اثر رسوخ رکي ٿو پر ايران لاءِ به هڪ قابل قبول ڀائيوار آهي جيڪو ممڪن طور آمريڪا کي ڪنهن به معاهدي جي شرطن تي قائم رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اهڙي طرح اڳڀرائي نه رڳو ايران-آمريڪا لاڳاپن پر عالمي طاقتن جي وچ ۾ نئين توازن جي تشڪيل ڏانهن هڪ اهم قدم ثابت ٿي سگهي ٿي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.