واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ تي برطانيا ۽ فرانس کي سخت تنقيد جو نشانوبڻائيندي چيو آهي ته آمريڪا هاڻي سندن مدد نه ڪندو۔ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو ته برطانيا ايراني حڪومت ڪيرائڻ ۾ ساٿ نه ڏنو ۽ فرانس اسرائيل ويندڙ فوجي جهازن کي فضائي حدون استعمال ڪرڻ نه ڏنيون، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو۔ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جن ملڪن کي جيٽ فيول جي ضرورت آهي، اهي يا ته آمريڪا کان خريد ڪن يا همت ڪري آبنائي هرمز وڃي پاڻ تيل حاصل ڪن، آمريڪا هاڻي ڪنهن جي مدد لاءِ موجود نه هوندو۔ هن دعويٰ ڪئي ته ايران بنيادي طور تي تباهه ٿي چڪو آهي ۽ جنگ جو مشڪل حصو مڪمل ٿي ويو آهي، هاڻي ٻين ملڪن کي پنهنجي جنگ پاڻ وڙهڻي پوندي جيئن اهي آمريڪا جي ڏکي وقت ۾ گڏ نه هئا۔