ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گارڊن ويسٽ حسن لشڪري ڳوٺ ويجهو لطيف ٽاور جي هڪ فليٽ ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس پنهنجي زال کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد مٿي ۾ گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. 35 سالن جي سليمان پٽ بلال پنهنجي 32 سالن جي زال پروا شاهه تي شڪ جي بنياد تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت کي ٽي گوليون لڳيون. سليمان زال کي رتورت ڏسي پاڻ کي به مٿي ۾ گولي هڻي پنهنجي حياتي جو انت آڻي ڇڏيو. پوليس مقتول جي لاش ۽ زخمي عورت کي سول اسپتال جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو. ذريعن موجب سليمان ٻه شاديون ڪيون هيون، هن پهرين زال کي اڳ ئي طلاق ڏئي ڇڏي هئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي، جڏهن ته ٻي زال پروا شاهه مان کيس هڪ پٽ آهي.