پي ڊي ايم اي پاران سنڌ ۾ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ جي بحالي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي جي هدايتن تي صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) سنڌ، موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي، سڄي صوبي ۾ ممڪن برساتن، تيز هوائن، گجگوڙ ۽ ڪجهه هنڌن تي ڳڙ (اولڙا) پوڻ جي خطري بابت الرٽ جاري ڪيو آهي، ۽ سڀني ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ضلعي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيز کي هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي۔ گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته 1 اپريل کان اولهندي موسمي نظام بلوچستان جي ڏکڻ اولهه وارن علائقن ۾ داخل ٿيندو، جيڪو 4 اپريل تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي۔ هن موسمي نظام جي اثر هيٺ ڪراچي، ٺٽو، بدين، حيدرآباد، سکر، دادو، ڪشمور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ٿرپارڪر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 2 کان 4 اپريل دوران وقفي وقفي سان برسات، آندهي ۽ گجگوڙ متوقع آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ ڳڙا به پوڻ جو امڪان آهي۔ پي ڊي ايم اي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته تيز هوائون ۽ آسماني وڄ ڪمزور اڏاوتن، بجلي جي ٿنڀن، بِل بورڊز ۽ سولر پينلن کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون، جڏهن ته بيٺل فصلن تي به اثر پئجي سگهي ٿو۔

  1. طوفاني برساتن سبب پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ 24 ڄڻا فوت، 56 زخمي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي مختلف حصن ۾ جاري برساتن ۽ طوفان سبب 24 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ۽ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن. افسوسناڪ واقعن ۾ مري ايڪسپريس وي تي موٽرسائيڪل سوار عمر عباسي مٿان پٿر ڪرڻ ۽ گليات ۾ هڪ ٻئي نوجوان مٿان وڻ ڪرڻ سبب ٻئي ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. سڀ کان وڌيڪ نقصان صوبي خيبرپختونخواهه ۾ ٿيو آهي، جتي برساتن سبب 17 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جن ۾ 8 ٻار به شامل آهن. بلوچستان ۾ به گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري برساتن 5 انساني حياتيون کسي ورتيون آهن. اين ڊي ايم اي شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ بجلي جي ٿنڀن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر فورڪاسٽنگ عرفان ورڪ موجب، موجوده برساتن جو سلسلو جاري رهندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ، 2 اپريل تي مغربي هوائن جو هڪ نئون ۽ طاقتور سلسلو ملڪ ۾ داخل ٿيندو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 اپريل تائين ٻيهر برساتن جو امڪان آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ مارچ ۽ اپريل ۾ اهڙيون برساتون معمول جو حصو آهن، پر گذريل ٽن سالن جي ڀيٽ ۾ هن سال برساتن جي شدت وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.