نيتن ياهو جي معافي جي درخواست تي وڌيڪ وضاحت طلب

اسرائيلي صدر آئزڪ هرزوگ ڪرپشن الزامن تي وزيراعظم نيتن ياهو جي معافي جي درخواست انصاف واري وزارت ڏانهن واپس موڪلي ڇڏي آهي. اسرائيلي صدر آئزڪ هرزوگ درخواست تي فيصلي لاءِ وڌيڪ مواد طلب ڪري ورتو، صدر جي قانوني صلاحڪار پنهنجي بيان ۾ چيو ته جاري عدالتي ڪارروائي دوران معافي ڏيڻ جي اختيارن بابت اڳوڻن مثالن ۽ واڌو قانوني مواد جي ضرورت آهي، خاص طور تي اهڙن معاملن ۾ جتي سفارتي يا سيڪيورٽي نوعيت جا عنصر شامل هجن.اختيارين موجب هي قدم رڳو پيشيوراڻي جائزي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ آهي ۽ ان مان ڪنهن حتمي فيصلي جو اشارو نٿو ملي.

  1. اسان ايران سان گڏ آهيون، ڪا فرقي بازي قبول ناهي: مفتي منيب

سرگوڌا(عوامي آواز نيوز)سرگوڌا۾ ميڊيا سان ڳالههائيندي تنظيم المدارس جي صدر مفتي منيب الرحمان چيو ته اسان ايران سان گڏ بيٺل آهيون ۽ ڪنهن به قسم جي تفرقي بازي قبول ناهي۔ هن چيو ته امن لاءِ قائم ڪيل گڏيل قومن جو ادارو مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، جڏهن ته اسحاق ڊر جي محنت ضرور رنگ لائيندي۔ مفتي منيب وڌيڪ چيو ته جنگبندي لاءِ ڪوششن ۾ پاڪستان جو ڪردار مثالي آهي۔ هن زور ڀريو ته پاڪستان ۽افغانستان جي وچ ۾ سيز فائر برقرار رکڻ ضروري آهي۔

  1. آءِ اي اي اي جي ايران جي خنداب جوهري پلانٽ تي حملي ۾ نقصان جي تصديق

تهران(م ڊ)بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) خنداب ۾ جوهري پلانٽ تي حملي ۾ نقصان جي تصديق ڪئي آهي. آءِ اي اي اي چيو ته ايران 27 مارچ تي خنداب ۾ حملي جي اطلاع ڏنو هو، پلانٽ هاڻي غيرفعال آهي، خنداب تنصيب ۾ ڪو به اعلانيل جوهري مواد موجود ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.