تهران/تل ابيب(ع آ نيوز) جنگ بندي جي ڪوششن باوجود ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملا جاري آهن، ايران به جوابي ڪاررواين ۾ اسرائيل توانائي مرڪزن کي نشانو بڻايو آهي. ايران جي گادي واري هنڌ تهران جي اولهه ۾ هڪ يتيم خاني تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا ۽ پنج زخمي ٿيا. آمريڪي نشرياتي اداري ايران جي فارس نيوز ايجنسي جو حوالو ڏيندي چيو ته فرديس ۾ هڪ نئين ٺهيل يتيم خاني کي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي جو نشانو بڻايو ويو. ايراني نيوز ايجنسي جي مطابق، ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ هاڻي تائين 230 ٻار مارجي ويا آهن ۽ 1,800 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. اسرائيلي فوج موجب، ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي اينٽي ٽينڪ ميزائل حملي ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو جڏهن ته هڪ آفيسر سخت زخمي ٿي پيو. مارجي ويل فوجي جي سڃاڻپ 19 ورهين جي سارجنٽ ليران بين زيون طور ٿي آهي، جيڪو 401 آرمڊ بريگيڊ جي نائين بٽالين سان لاڳاپيل هو.اسرائيلي فوج جي شروعاتي جاچ موجب هڪ اينٽي ٽينڪ ميزائل نائين بٽالين جي هڪ ٽينڪ تي لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ بين زيون مارجي ويو ۽ هڪ آفيسر زخمي ٿيو. ايراني ميزائل حملي ۾ اسرائيل جي شهر حيفا جي آئل ريفائنري ۾ باهه لڳي وئي.ايران جي ميزائل حملي کانپوءِ اسرائيل جي اترئين شهر حيفا ۾ موجود بازان آئل ريفائنري ۾ باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ کانپوءِ آئل ريفائنري مان ڪاري دونهين جا ڪڪر به اڀرندي ڏٺا ويا. ايراني فوج پنهنجي تازي بيان ۾ اعلان ڪيو آهي ته هن ڊرون آپريشن ذريعي اسرائيل جي اهم دفاعي انفراسٽرڪچر ۽ هٿيارن جي پيداوار جي مرڪزن کي نشانو بڻايو آهي.ايراني فوج موجب، هي هٿيارن جي پيداوار جو مرڪز ميزائل ۽ دفاعي نظام تيار ڪري ٿو، جنهن ۾ آئرن ڊوم به شامل آهي. وال اسٽرٽ جرنل موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران مان هڪ هزار پائونڊ يورينيم ڪڍڻ لاءِ فوجي آپريشن تي غور ڪري رهيو آهي. رپورٽ موجب، اختيارين جو چوڻ آهي ته يورينيم ڪڍڻ هڪ ڏکيو ۽ خطرناڪ مشن آهي، جنهن سبب آمريڪي فورسز کي ڪيترائي ڏينهن ايران اندر رهڻو پوندو، صدر ٽرمپ ايران مان يورينيم ڪڍڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، پر اهو آپشن موجود آهي. صدر ٽرمپ پنهنجي صلاحڪارن تي زور ڏنو آهي ته ايران تي دٻاءُ وڌو وڃي ته جنگ ختم ڪرڻ جي شرط طور يورينيم حوالي ڪري.بين الاقوامي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) خنداب ۾ جوهري پلانٽ تي حملي ۾ نقصان جي تصديق ڪئي آهي. آءِ اي اي اي چيو ته ايران 27 مارچ تي خنداب ۾ حملي جي اطلاع ڏنو هو، پلانٽ هاڻي غيرفعال آهي، خنداب تنصيب ۾ ڪو به اعلانيل جوهري مواد موجود ناهي. ايران جي پاسداران انقلاب نيوي ڪمانڊر علي رضا تنگسيري جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي. هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، ايران پاسداران انقلاب نيوي ڪمانڊر علي رضا تنگسيري جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي. انقلابي گارڊ موجب، علي رضا تنگسيري سخت زخمي ٿيو هو، جڏهن ته اسرائيلي دفاع واري وزير دعويٰ ڪئي هئي ته 26 مارچ تي ايراني سينئر آفيسرن کي نشانو بڻايو ويو هو.