نيپرا، فڪسڊ چارجز کي کپت بدران لوڊ سان ڳنڍي ڇڏيو، بجلي بل ٽيڻ کان به مهانگا

اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي عوام لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ هاڻي بجلي به مهانگي ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي جنهن سان واهپيدارن جي مالي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. سي پي پي اي پاران فيبروري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن تي اڄ اهم ٻڌڻي مقرر ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هڪ مهيني لاءِ بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 64 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن اها منظوري ملي وئي ته ملڪي واهپيدارن تي 14 ارب رپين کان وڌيڪ جو واڌو بار پوندو. ٻئي طرف وفاقي حڪومت ۽ نيپرا جي نئين فارمولي تحت بجلي جي بلن ۾ فڪسڊ چارجز کي واپرائڻ جي بجاءِ هاڻي لوڊ سان ڳنڍيو ڪيو ويو آهي جنهن ڪري گهرو واپرائيندڙن جا مھيني جا بل ڪيترائي ڀيرا وڌي ويا آهن. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جنوري 2026 کان هن نئين ٽيرف جي منظوري ڏني هئي جنهن تحت لائف لائن واهپيدارن کانسواءِ پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ گهرو صارفين تي فڪسڊ چارجز لاڳو ڪيا ويا آهن جنهن ته ان کان اڳ اهي چارجز ماهوار بجلي جي کپت جي حساب سان ورتا ويندا هئا. نئين فارمولي ۾ مختلف گهرو سليبس لاءِ 200 رپين کان وٺي 675 رپيا في ڪلو واٽ تائين فڪسڊ چارجز مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته پراڻي قانون موجب اهي چارجز صرف 300 يونٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن تي لاڳو هوندا هئا. هن نئين تبديلي سبب جيڪڏهن ڪنهن صارف جو منظور ٿيل لوڊ 5 ڪلو واٽ آهي ته ان جا فڪسڊ چارجز هڪ هزار مان وڌي 3375 رپين تائين پهچي سگهن ٿا جنهن ته وڏي سليب ۽ وڌيڪ لوڊ هجڻ جي صورت ۾ بلن ۾ وڏو اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سبب سڄي ملڪ جي عوام ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.