اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ملڪ ۾ گئس جي کوٽ سبب سي اين جي سيڪٽر کي مُهياي بند ٿيڻ ۽ بجلي جي پيداوار متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي۔ ذريعن موجب ايندڙ مهيني (اپريل) کان پاور پلانٽن کي رڳو 80 ايم ايم سي ايف ڊي گئس مُهيا ڪئي ويندي، جنهن سبب بجلي جي پيداوار ۾ نمايان گهٽتائي جو امڪان آهي۔ ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته مارچ دوران ملندڙ 150 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ۽ ايل اين جي جي مُهياي بند ٿي ويندي، جڏهن ته سي اين جي سيڪٽر لاءِ گئس مڪمل طور بند ٿيڻ جو امڪان آهي۔ پاور سيڪٽر کي 25 کان 30 ايم ايم سي ايف ڊي گئس منتقل ڪئي ويندي، جڏهن ته ڀاڻ (فرٽيلائزر) سيڪٽر جي گئس به ممڪن طور بجلي جي پيداوار لاءِ استعمال ڪئي ويندي۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ 1500 کان 1800 ميگاواٽ بجلي به خطري ۾ آهي، جنهن سبب مجموعي پيداوار ۾ 10 کان 15 سيڪڙو گهٽتائي اچي سگهي ٿي، ڄامشورو ۽ ساهيوالجا پاور پلانٽ ڪوئلي جي کوٽ جو شڪار آهن، جتي موجوده ذخيرو رڳو 3 کان 7 ڏينهن لاءِ ڪافي آهي، جنهن ڪري وڌيڪ 2 کان 3 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو امڪان آهي۔ ٻئي پاسي سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) کي به گيس جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ ترجمان موجب ٻن گيس فيلڊن ۾ ٽيڪنيڪي مسئلن سبب مُهياي ۾ گهٽتائي آءِ آهي۔ انتظاميه جو چوڻ آهي ته صورتحال تي لڳاتار نظر رکي پئي وڃي ۽ هن اوچتي کوٽ کي جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي۔