لاڪ ڊائون جي تجويز صوبن رد ڪري ڇڏي\وفاق پاران رليف پيڪيج ۾ صوبن کان حصو طلب

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ توانائي جي ذخيرن، معيشت، سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي ۽ عوامي رليف بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ملڪي معيشت کي سگهارو بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، جن ۾ بچت پاليسي تحت 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون فوري طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو شامل آهي. جاري ڪيل پڌرائيموجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ توانائي جي بچت لاءِ اسمارٽ لاڪ ڊائون جي لاڳو ڪرڻ تي غور ڪيو ويو، پر صوبائي حڪومتن ان جي مخالفت ڪندي سفارش ڪئي ته لاڪ ڊائون نه لڳايو وڃي. وفاق پاران صوبن تي زور ڀريو ويو ته هو 254 ارب روپين جي رليف پيڪيج ۾ پنهنجو حصو وجهن ته جيئن مهنگائي جي ماريل عوام کي گڏيل طور رليف ڏئي سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قومي سلامتي جو مشير ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ، چئن ئي صوبن جا وڏا وزير ۽ ٻيا اعليٰ اختيارين شريڪ ٿيا. صدر آصف زرداري هدايت ڪئي ته وڌندڙ قيمتن جو بوجھ گهٽائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ مشڪل وقت ۾ ڪمزور طبقن کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي بحران باوجود ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جا وافر ذخيرا موجود آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي جون تجويزون ڪيترائي ڀيرا رد ڪيون ويون آهن ته جيئن عوام تي وڌيڪ بوجھ نه پوي. اجلاس ۾ علائقائي سيڪيورٽي ۽ سفارتي رابطن جو پڻ جائزو ورتو ويو.  ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوانِ صدر ۾ اهم ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، سيڪيورٽي ۽ معاشي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن اعليٰ سطحي ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اڳوڻو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، گهرو وزير محسن نقوي ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ پڻ شريڪ هئا. اجلاس دوران قومي سلامتي جي مجموعي صورتحال، خطي ۾ بدلجندڙ حالتن ۽ پاڪستان تي ان جي ممڪن اثرن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته شريڪ ٿيلن ملڪ کي درپيش معاشي، توانائي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن سان نڀائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. بعد ۾ صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو. ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني جو اڻ اعلانيل دورو ڪيو آهي. سفارتي ذريعن موجب صدر زرداري جو هي دورو انتهائي اهم وقت تي ٿيو آهي، جڏهن اسلام آباد ۾ چار ملڪي اهم ڳالهيون مڪمل ٿيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر زرداري چيني سفارتي عملدارن سان ملاقات ڪري ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻئي طرف صدارتي ترجمان پاران هن دوري يا ملاقات جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ترديد يا تصديق ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويو آهي. صدارتي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته صدارتي هائوس جي پاليسي موجب ڪنهن به ملاقات جي ٿيڻ کان اڳ آگاهي فراهم نه ڪئي ويندي آهي. ترجمان وڌيڪ واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪا ملاقات ٿيندي آهي ته ان جي پڌرائي ۽ وڊيو باقاعده طور تي جاري ڪئي ويندي آهي. هن اڻ اعلانيل دوري کي سياسي ۽ سفارتي حلقن ۾ خاص اهميت ڏني پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.