ڪراچي(عوامي آواز نيوز) اُم رباب چانڊيو جي گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ دادو جي عدالت پاران پي پي پي جي ٻن ايم پي ايز سميت سمورن نامزد جوابدارن کي بري ڪرڻ واري فيصلي ملڪ ۾ نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ثبوتن جي گهٽتائيءَ جو جواز ڄاڻائي جوابدارن کي باقاعده آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کانپوءِ جوابدار ڌر پاران جديد هٿيارن جي نمائش ۽ جشن ملهايو ويو. سوشل ميڊيا ڇتي تنقيد،سرداري نامنظور جو ٽرينڊ، عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين سياسي، سماجي، صحافتي ڌرين عدالتي نظام تي سوال اٿاريا آهن ته جيڪڏهن اهي ماڻهو قاتل نه هئا ته پوءِ ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪنهن ڪيو ۽ اصل قاتل گرفتار ڇو نه ٿيا؟ سماجي اڳواڻ نعمت کهڙو سوشل ميڊيا تي اُم رباب چانڊيو جي روئڻ واري وائرل ٿيندڙ وڊيو کي مڪمل طور فيڪ قرار ڏيندي چيو ته اُم رباب ڪٿي به ناهي رني، سندس جوش، جذبو ۽ حوصلو اڳي کان به وڌيڪ وڌي ويو آهي. هن واضح ڪيو ته جيتوڻيڪ عدالتي فيصلي سان تڪليف ضرور پهتي آهي، پر اُم رباب پنهنجي قانوني جاکوڙ ۽ عملي جدوجهد سان ان فيصلي ۽ وڏيرڪي ظالماڻي نظام جو مقابلو ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ڀوتار هٿن ۾ هٿيار کڻي ڏند ڏيکاري کلي رهيا آهن، اُم رباب انهن جي شڪست تائين جاکوڙ جاري رکندي. نعمت کهڙو جو چوڻ هو ته اُم رباب هاري ناهي، هوءَ ڪامياب ٿي آهي ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جي قانون ۽ انصاف جي لاش تان ڪفن هٽائي حقيقت سامهون آڻي ڇڏي آهي. ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ ايڪس (ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته هي منهنجي لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ ته عدالتون اڪثر پراسيڪيوشن جي موقف تي هلنديون آهن، ۽ پراسيڪيوشن جنرل سنڌحڪومت جي ماتحت هوندو آهي. اهڙين حالتن ۾ عدالت کان مختلف فيصلو اچڻ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ اسان کي ام رباب جي همت کي ضرور ساراهڻ گهرجي، جنهن سردارن آڏو ڪنڌ نه جهڪايو.يوسف سعيد لکيو ته هن فيصلي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عدالت ۾ اهو ئي ڏوهاري قرار ڏنو ويندو جيڪو غريب ۽ ڪمزور هوندو،جڏهن ته طاقتور ماڻهو جيڪو چاهي، جنهن کي چاهي قتل ڪري آزاد گھمندو رهي ان کي ڪجھ به نه ٿيندو.خائوله چوڌري لکيو ته سردارن ۽ ججن جو ڳٺ جوڙ ثابت ٿي ويو،قاتل چاهين ٿا ته امِ رباب کي ڊنل ڏسن،پر اها خواهش سندن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به پوري نه ٿيندي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان لکيو ته افسوسناڪ ام رباب چانڊيو جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ سڀ نامزد جوابدار بري ٿي ويا.عدليه ٻڌائي ته ام رباب جي ڏاڏي، والد ۽ چاچي کي ڪنهن قتل ڪيو؟ هو پنهنجن پيارن جو خون ڪنهن جي هٿن تي ڳوليندي؟هن وڌيڪ چيو ته هي سرداري نظام/ظلم جي نظام جي فتح آهي، ۽ ان خلاف جدوجهد جاري رهندي، وحيد مراد لکيو ته اٺ سالن تائين اگهاڙين پير پاڪستان جي عدالتن جي راهدارين ۾ هلندڙ ام رباب کي سنڌ جي عدالت طرفان انصاف ملي ويو.ڇا هاڻ به توهان کي سمجهه ۾ نه آيو ته پ پ ۽ ن ليگ سنڌ ۽ پنجاب ۾ پوليس جي جاچ نظام کي بهتر ڇو نٿيون بڻائين؟ميان عمر لکيو ته ام رباب چانڊيو 8 سالن تائين عدالتن تي اعتماد ڪيو، 450 ڀيرا پيش ٿي، ۽ احترام طور اگهاڙين پير به هلي. پر اڄ ٽرپل مرڊر ڪيس ۾ انصاف پاڻ قتل ٿي ويو، حمزا خان لکيو ته اهو ئي ٿيندو آهي جڏهن انصاف جو نظام ناڪام ٿي وڃي. ام رباب جي والد، چاچي ۽ ڏاڏي جا قاتل آزاد ٿي هلن ٿا، ۽ ماڻهو انهن جو استقبال ۽ خوشي سان آڌرڀاءُ ڪن ٿا.تصور ڪريو ته ام رباب ڪهڙي ڪرب مان گذري رهي آهي، جڏهن ماڻهو قاتلن لاءِ خوشيون ملهائن ٿا ۽ مظلومن کي نظرانداز ڪن ٿا،صحافي ثاقب بشير لکيو ته ڪيترا خوفناڪ نتيجا هن عدالتي فيصلي جا نڪرندا، جو هاڻ کان پوءِ شايد هن علائقي جي مروجه نظام خلاف ڪو ڳالهائڻ جي به همت نه ڪندو،اڳوڻي ايم اين اي سحر بانو لکيو ته قانون اميرن لاءِ اهڙو ڄار آهي، جنهن کي هو ٽوڙي ٻاهر نڪري وڃن ٿا، جڏهن ته هڪ عام ماڻهو ان ۾ ڦاسي وڃي ٿو.اسان وٽ امير قانون کان مٿانهان ٿي چڪا آهن، امير خلاف گواهي ڪير ڏيندو؟ انصاف جون ڌڄيون اڏايون ويون آهن، ڪامران خان لکيو ته ام رباب پنهنجي والد، چاچي ۽ ڏاڏي جي قاتلن خلاف بهادري سان وڙهي،صحافڻ مونا عالم بلاول ڀٽو کي ٽيگ ڪندي لکيو ته ڇا هي اها سنڌ آهي جنهن جي حڪمراني تي توهان فخر ڪندا آهيو؟جوابدارن جي بريت انصاف تي هڪ ڪارو داغ آهي، ۽ سنڌ پوليس جي موجودگي ۾ هٿيارن جي نمائش ۽ خوشي جو اظهار ان کي وڌيڪ اونداهو بڻائي ٿو. شرم جهڙي ڳالهه آهي،انساني حقن جي اڳواڻ جبران ناصر لکيو ته جڏهن ڪنهن جاگيردار کي سندس ڏوهن تي واقعي جوابده بڻايو ويندو، اهو ڏينهن سنڌ جي وڏي جاگيردار جو زوال شروع ٿيڻ جو ڏينهن هوندو. سڄو نظام سرپرستي، تحفظ ۽ سزا کان بچاءَ تي هلي ٿو. جنهن کي هو جمهوريت چون ٿا، اهو هڪ قيد ٿيل نظام آهي، جتي ماڻهن جا بنيادي حق ۽ انصاف يرغمال بڻيل آهن،نسيم خائرا لکيو ته ام رباب چانڊيو پنهنجو فرض نڀايو،ڇو ته قاتل پ پ جي جهنڊي هيٺ بيٺل وڏيرا هئا، تنهنڪري انصاف انهن جي اڳيان ويهي رهيو ڪمانڊر مشواڻي لکيو ته ڪيئن هڪ ڇوڪري جڏهن پنهنجي حق لاءِ نڪري ٿي ته هو ڪيترن مردن کان به وڌيڪ طاقتور ٿي وڃي ٿي،”سرداري نامنظور “ وارو نعرو انهن نام نهاد وڏيرن جي چهري تي هڪ چماٽ آهي،سوشل ميڊيا ايڪٽويسٽ هرميت سنگهه لکيو ته ام رباب ڪيس هڪ ٻي اميد جو قتل آهي.سالن کان پنهنجن لاءِ وڙهندي هي هٿي خالي نياڻي اڄ عدالتن کان مايوس ٿي وئي.جڏهن به هن کي ڏٺو ويو، هن جي اکين ۾ هڪ يقين هوندو هو ته هوءَ هر در کڙڪائي پنهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي لاءِ انصاف حاصل ڪندي پر اڄ اهي ئي عدالتون چئي رهيون آهن ته ثبوت ڪافي نه آهن. عدالت پ پ جي ٻن موجوده صوبائي اسيمبلي ميمبرن سميت ٻين جوابدارن کي ناڪافي ثبوتن جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيوهن لکيو ته .هي صرف هڪ ڪيس ناهي هي هڪ ڌيءَ جي سالن جي اميد ٽٽي آهي.اڄ ام رباب نه هاري آهي،اڄ انصاف هارائي ويو آهي،امجد حميد چوهاڻ لکيو ته انصاف هارائي ويو ،هن قوم جي ڌيءَ پنهنجي اکين اڳيان پنهنجي ٽن گهر ڀاتين کي بي رحمي سان قتل ٿيندي ڏٺو،پر سنڌ جي هن ڌيءَ کي انصاف نه ملي سگهيو.سردار کٽي ويا انصاف وري هارائي ويو.اي انصافي نظام، تنهنجي ڪردار تي سواليه نشان آهي،نعمت خان لکيو ته سنڌ ۾ قانون جي “عملداري” جو هي مثال آهي؟ نه رڳو عدالت ٻاهران هٿيارن جي ڀرپور نمائش ڪئي وئي، پر جوابدارن جي بريت کان پوءِ بي تحاشا فائرنگ ڪري ان جو کليل استعمال به ڪيو ويو،نادر بلوچ جوابدار ڌر جي هٿيارن جي نمائش ۽ هوائي فائرنگ جي وڊيو پوسٽ ڪندي لکيو ته سردار جي ڪاميابي جو جشن” واهه، ڪهڙو انصاف آهي!لڳي ٿو هن ملڪ ۾ سچ نه، طاقت کٽي ٿي.هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿي ويو آهي ته هتي انصاف نه، پر سرداري نظام کٽي ٿو. اڳوڻي ايم اين اي عالمگير خان لکيو ته انصاف جا قاتل، انصاف جا ادارا سرداري_نظام_نامنظور، ناليواري وڪيل نعيم حيدر پنجوٿا لکيو ته هي ڇوڪري اڄ هارائي وئي آهي،ام رباب نه، پر پاڪستان جي انصافي نظام هي ڪيس هاريو آهي ، شيم آن جوڊيشل سسٽم ،شفقت چوڌري لکيو ته اڄ هڪ ٻي نياڻي هن ملڪ جي عدل واري نظام ۾ هارائي وئي.رابعه ملڪ لکيو ته هتي ڪڏهن ڪنهن غريب ۽ مظلوم کي انصاف مليو آهي جو هن ڌيءَ کي ملندو؟ نعيم زرار لکيو ته قوم ڏسندي رهي، پاڪستان ڏسندو رهيو ته ام رباب انصاف حاصل ڪرڻ خاطر پٿرن سان سر ٽڪرائيندي رهي. ماڻهو چون ٿا ته ام رباب هارائي وئي؛ مان چوان ٿو ته هن قوم ۽ پاڪستان هارايو آهي.
-
ام رباب جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ سردار ۽ برهان چانڊيو سميت سمورا جوابدار آجا
دادو/ميهڙ(رپورٽ: غوث جهتيال+ فراز چنا ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ام رباب جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ پ پ جي ٻن صوبائي اسيمبلي ميمبرن سردار چانڊئي، برهان چانڊئي سميت سمورن جوابدارن کي آجو ڪري ڇڏيو. دادو جي ايڊيشنل سيشن جج ون حسن علي ڪلوڙ ميهڙ جي مقتولن جي ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي سردار احمد خان، برهان خان، عبدالستار، ذوالفقار، غلام مرتضيٰ ۽ عبدالڪريم عرف ڪريم بخش کي بري ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ ٽنهي ماڻهن ڪرم الله، مختار احمد ۽ قابل حسين کي هٿيارن جي زخمن سبب غير فطري طور تي موت جو منهن ڏسڻو پيو، پر پراسيڪيوشن ڪنهن به معقول شڪ کان سواءِ جوابدارن جو ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. دادوءَ جي عدالت طرفان44 صفحن تي فيصلو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو آهي ته اڄ عدالت جي اهڙي فيصلي کانپوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو ته سردار ۽ ڀوتار قانون کان مٿانهان آهن. فريادي ڌر جي وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته ڪيس ۾ نامزد سمورا جوابدار بري ڪيا ويا آهن، سرداري نظام جي خلاف ٽن ڄڻن کي ڏينهن ڏٺي قتل ڪيو ويو، ڪيس ۾ 3 شاهد ۽ ميڊيڪل ثبوت موجود هئا، اسان جي نظر ۾ ايترن ثبوتن جي بنياد تي سزا ٿي سگهي پئي، فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪنداسين. ياد رهي ته 18 جنوري 2018 تي صبح جو 1 وڳي، پرويز احمد پٽ ڪرم الله خان چانڊيو ضلعي دادو جي ميهڙ ۾ پوليس اسٽيشن ‘اي’ سيڪشن ۾ ايف آءِ آر درج ڪرائي هئي. دليل ڏنو ويو ته مقتول مختار احمد سندس ڀاءُ هو ۽ ڪرم الله خان چانڊيو سندس پيءُ هو، جيڪو يونين ڪائونسل جو چيئرمين هو. الزام لڳايو ويو ته ڪافي عرصي کان، شبير احمد چانڊيي (چانڊيو قبيلي جو سردار) جو پٽ سردار خان پنهنجي ڀاءُ مختار احمد خان کي ڌمڪيون موڪلي رهيو هو. مختار احمد پاڻ به هڪ ‘تمندر’ هو ۽ هن چانڊيو برادري جي ٻين تمندرن کي گڏ ڪري هڪ ‘تمندار ڪائونسل’ ٺاهي هئي. ايف آءِ آر ۾ فريادي جي دعويٰ موجب، سردار خان جو خيال هو ته مختار احمد سندس سرداري خلاف بغاوت پکيڙي رهيو هو، تنهن ڪري هو مطالبو ڪري رهيو هو ته تمندار ڪائونسل کي ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو هن ڪائونسل جو ‘خيال’ رکندو ۽ مختار احمد ۽ سندس سڄي خاندان کي سخت نقصان پهچائيندو. ايف آءِ آر ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته سردار چانڊيو مختلف وقتن تي مختلف ماڻهن ذريعي مختار احمد کي اهڙا ڌمڪيون ڏيندڙ پيغام موڪليندو رهيو هو. ام رباب جي پيءُ مختيار چانڊيو، ڏاڏو ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچو قابل چانڊيو کي هٿياربند ماڻهن گوليون هڻي قتل ڪيو. ايف آءِ آر ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 17 جنوري 2018 جي صبح جو فريادي پرويز احمد پنهنجي پيءُ ڪرم الله خان، ڀائرن مختيار احمد، قابل حسين، سوٽ اعجاز احمد ۽ منظور احمد سان گڏ پنهنجي اپارٽمينٽ جي سامهون بيٺو هو. ان دوران، صبح جو 9 وڳي، ٻه گاڏيون (هڪ اڇي ڪرولا ڪار ۽ هڪ اڇي لينڊ ڪروزر) سندس اپارٽمينٽ جي سامهون بيٺيون ۽ انهن مان ڇهه هٿياربند ماڻهو ٻاهر نڪتا. ايف آءِ آر موجب، انهن جي سڃاڻپ علي گوهر پٽ بختيار علي عرف بختيار چانڊيو، غلام مرتضيٰ پٽ محمد صفر چانڊيو، سڪندر پٽ علي حسن چانڊيو، ذوالفقار پٽ غلام قادر عرف قدو چانڊيو، غلام قادر عرف قدو پٽ پريل چانڊيو جي طور تي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار برهان پٽ شبير احمد چانڊيو لينڊ ڪروزر ۾ ويٺو هو. ايف آءِ آر ۾ فريادي جي الزام موجب، جوابدار برهان خان جي هن اشتعال انگيزيءَ ۽ ملزم سردار خان جي اشتعال انگيزيءَ جي ڪري، ٻين جوابدارن پنهنجن هٿيارن سان فائرنگ ڪئي ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن سان ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو.
-
ام رباب کي رينجرز سيڪيورٽي، سردارگاڏين جي قافلي سان پهتا
ميهڙ: ميھڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس واري واقعي جو دادو ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو ، ايم پي اي برهان چانڊيو سميت سمورن 8 ئي جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي فيصليواري ڏينھن تي دادو جي ماڊل ٽرائل ڪرمنل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو ۽ ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو پوليس ۽ رينجرس جي نگراني ۾ دادو ڪورٽ پھتا ام رباب چانڊيو کي دادو ڪورٽ مان روانو ٿيڻ کان پھرين سندس ڏاڏي پاران کيس امام ضامن ٻڌي پاڪ ڪتاب ھيٺان گذاريو ۽ دعائون ڏنيون جڏھن ته ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ، پ پ پ ايم پي اي برھان چانڊيو قمبر غيبي ھائوس کان ميھڙ باء پاس سان وڏين گاڏين جي قافلي سان دادو ڪورٽ پھتا.
-
3 ماڻهن جا قاتل ڪير؟ جوابدار ڌر جو فائرنگ ذريعي جشن، سماج ۾ خوف
لاهور/دادو(امداد سومرو) ميهڙ ٽيڻي قتل ڪيس جو فيصلو سوشل ميڊيا تي وڏي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي. اهو هڪ ظلم ڀريو واقعو هو جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جا ٽي ماڻهو، يعني هڪ والد ۽ سندس ٻه پٽ، ڏينهن ڏٺي هٿياربندن هٿان قتل ڪيا ويا هئا.اهي مقتول ام رباب چانڊيو جا ڏاڏو، والد ۽ چاچو هئا. هي واقعو تقريباً اپريل 2018 ۾ پيش آيو، ميهڙ جي علائقي ۾، جيڪو ڪو ڏورانهين قبائلي علائقو نه پر هڪ مرڪزي شهر آهي.ان واقعي جو ڪيس دادو جي ماڊل ڪورٽ ۾ هلي رهيو هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو، جيڪو هاڻي ٻڌايو ويو آهي عدالت ڪيس ۾ نامزد سڀني اٺن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ وڏا سردار ۽ ٻيا جوابدار شامل هئا.فيصلي کان پوءِ سنڌ ۾ وڏي هلچل پيدا ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي ماڻهن طرفان اهو سوال اٿاريو پيو وڃي ته جڏهن ٽيماڻهو ڏينهن ڏٺي قتل ٿيا، ته پوءِ قاتل ڪير هو؟ هتي هڪ اهم نقطو اهو به آهي ته هي ڪو ڏورانهين علائقو نه هو، پر ميهڙ جهڙي مرڪزي تعلقي ۾ واقعو ٿيو، ۽ اٺن سالن تائين ڪيس هلڻ باوجود به اصل قاتلن جو پتو نه پئجي سگهيو.ام رباب چانڊيو ان واقعي کان پوءِ پنهنجي سطح تي انصاف لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. هن عدالتن جا دروازا کڙڪايا، پوليس ۽ نظام سان وڙهي. ان دوران کيس ڌمڪيون به مليون، جنهن سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ کيس رينجرز جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي، جيڪا اڃا تائين جاري هئي.هاڻي جڏهن عدالت سڀني جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي، ته ام رباب ان فيصلي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ هن چيو آهي ته هو هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪندي.ٻئي پاسي فيصلي کان پوءِ بري ٿيل ماڻهو جڏهن پنهنجي علائقن ڏانهن واپس ويا، ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. درجنين هٿياربند ماڻهن سان گڏ، هوائي فائرنگ ڪئي وئي ۽ هٿيارن جي کلي عام نمائش ڪئي وئي. گاڏين جا قافلا هئاجشن ملهايو ويو.هي صورتحال سماج ۾ سوال اٿي رهيو آهي ته عدالتن کان ٻاهر اهڙي هٿياربند نمائش ٿيندي آهي؟ قانون ۽ انصاف جي نظام بابت خدشا وڌي ويا آهن پاڪستان ۾ اهڙا ڪيترائي ڪيس اڳ به ٿي چڪا آهن، جتي قتل ته ٿيا، پر قاتل پڪڙيا نه ويا يا سزا نه ملي. مثال طور مختلف سياسي ۽ سماجي واقعا، جتي انڪوائريون مڪمل نه ٿيون يا نتيجا نه نڪتا.آخر ۾ اهم سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ٽي ماڻهو قتل ٿيا آهن، ته قاتل ڪير هو؟پوليس، عدالت يا حڪومت ان جو جواب ڇو نه ڏئي رهي آهي؟ام رباب جو ڪيس صرف هڪ فرد جو نه پر سڄي نظام لاءِ سوال آهي، ڇو ته انصاف ڏيڻ، قاتلن کي ڳولڻ ۽ قانون لاڳو ڪرڻ اصل ذميواري رياستي ادارن جي آهي، نه ته متاثر خاندان جي
-
سردارن ۽ وڏيرن کي رياست ايئن تحفظ ڏيندي ته پوءِ ڪير عدالتن ۾ ويندو؟ ام رباب
دادو(عوامي آواز نيوز)سنڌ جي مظلوم نياڻي ام رباب چيو آهي ته ٽن گهرڀاتين جي قتل کي 8 سال مڪمل ٿي ويا آهن،هي نائون سال هلي رهيو آهي،مون جاگيرداري ۽ سرداري نظام خلاف بغاوت جو الم بلند ڪيو،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته منهنجي والد سرداري نظام کي چئلينج ڪيو،تمندار ڪائونسل ٺهي ان کانپوءِ سردارن ڪرائي جا قاتل موڪلي اهي قتل ڪرايا،هن چيو ته مان سنڌ جي نياڻي آهيان،هر در تي ويس،عدالتن جا پنڌ ڪيا، ته جيئن سرداري ۽ جاگيرداري نظام جو خاتمو ٿي سگهي،هن چيو ته اڄ جيڪو فيصلو آيو آهي اهو مايوس ڪندڙ آهي،پر منهنجا حوصلا پست ناهن ٿيا،مان هن فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنديس،اهو منهنجو حق آهي،مان اهو کسي به وٺنديس،هن چيو ته توهان ڏسو ته هي نظام ڪٿي بيٺو آهي،هر هڪ مظلوم هن وقت مايوس آهي،هي ڪيس رڳو منهنجي گهر تائين محدود نه هو،هي ڪيس هر ان مظلوم جو آهي جيڪو سرداري نظام جو شڪار آهي،هن چيو ته مان اڪيلي جڏهن سردارن خلاف نڪتيس ته ان کانپوءِ گروپ ٺهي ويو ڇو ته سنڌ ۾ هر ٻيو ماڻهو سرداري نظام جو متاثر رهيو آهي،هن چيو ته رياست ان طرح سردارن ۽ وڏيرن کي تحفظ فراهم ڪندي ڪير عدالتن ۾ ويندو؟مان پُر اميد آهيان ته انصاف وٺي رهنديس،مون پنهنجي زندگي جا 8 سال عدالتن کي ڏنا،عدالتن پاران مون کي ڪهڙو جواب مليو؟ٽن قتلن ۾ اٺن ئي جوابدارن کي بري ڪيو ويو آهي،هن نظام ۾ جيڪو قتل ڪري ٿو،هٿيار کڻي ٿو اهو ئي باعزت آهي ڇا؟منهنجي ڪيس ۾ مضبوط ثبوت آهن ان ڪري مان هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ تائين وينديس
-
قاتلن جي جشن وڏيرن جي طاقت ظاهر ڪئي:پي ٽي آءِ
اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان چيو آهي ته اٺن سالن جي قانوني جدوجهد ۽ لڳ ڀڳ چار سؤٻڌڻين کان پوءِ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل واري ڪيس ۾ سڀ اٺ جوابدار باعزت بري ٿي ويا. هن فيصلي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۾ وڏيراشاهي طاقت ۽ اثر رسوخ جي تلخ حقيقت سامهون آندي. فيصلي کان پوءِ جوابدارن پاران فائرنگ، کلڻ ۽ جشن ان تاثر کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ته طاقتور طبقو اڄ به قانون کان مٿانهون آهي.هن چيو ته هن ڪيس ۾ ام رباب چانڊيو مزاحمت جي علامت بڻجي سامهون آئي. هڪ نوجوان وڪيل طور هن ذاتي ڏک کي انصاف جي جدوجهد ۾ بدلايو، سپريم ڪورٽ ٻاهران اگهاڙين پير احتجاج ڪيو، ڌمڪيون برداشت ڪيون، پر خاموش نه ٿي،هن چيو ته هي فيصلو پاڪستان جي فوجداري نظام جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي سزا جي شرح تمام گهٽ آهي، طاقتور وڏيرا پوليس ۽ تحقيق تي اثرانداز ٿين ٿا، ثبوت ڪمزور ڪيا وڃن ٿا، ۽ شاهد خوف سبب خاموش ٿي وڃن ٿا. 2020 ۾ پوليس اڳ ئي مرڪزي جوابدارن کي ڪلين چٽ ڏئي چڪي هئي. هي ڪيس واضح ڪري ٿو ته پاڪستان ۾ انصاف وڏيراشاهي جي پيرن هيٺ لتاڙجي ويو آهي.هي ڪيس هڪ مثال آهي ته وڏيراشاهي نظام ۾ انصاف عام شهري لاءِ نه، پر سردارن لاءِ آهي
-
وڏيرا شاهي کٽي وئي، انصاف هارائي ويو
لاهور/ڪراچي(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان، سنڌ جي مظلوم نياڻي ام رباب چانڊيو جي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس ۾ عدالتي فيصلي تي سخت رد عمل ظاهرڪندي چيو آهي ته وڏيرا شاهي کٽي وئي، ۽ انصاف هارائي ويو هن چيو ته فوجداري عدالت پاران ڪيس ۾ نامزد سڀني جوابدارن کي بري ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ جو انصاف جو نظام طاقتور جاگيردارن ۽ وڏيرن جي اثر هيٺ آهي۔ هن پاڪستان پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪئي ۽ سوال اٿاريو ته قومپرست سياست ڪندڙ پارٽي جي چيئرمين کان پڇيو وڃي ته ڇا ام رباب چانڊيو سنڌ جي ڌيءَ ناهي؟ يا صرف طاقتور ۽ جاگيردار ئي سندس ويجهو آهن؟ حافظ نعيم الرحمان سياسي پارٽين ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي ام رباب چانڊيو سان گڏ بيهڻ ۽ انصاف لاءِ آواز بلند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو۔ هوڏانهن جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ ميھڙ عدالتي فيصلي تي رد عمل ڏيندي چيو آھي ته سنڌ جي مظلوم نياڻي ام رباب جي ٽن گھر ڀاتين جي قتل ۾ نامزد مڙني ڏوھارين جي آزاد ٿيڻ وارو فيصلو انصاف جي ابتڙ آهي۔ 8سال ڪيس ھلائڻ جي باوجود انصاف نه ملڻ افسوسناڪ آھي۔ ناظم جوکيو ام رباب توڙي پريا ڪماري ۽ فضيلا سرڪي جي ڏوھارين جا پيرا پڻ ھڪ ئي پارٽي جي وڏيرن ڏانهن وڃن ٿا۔ ناظم جوکيو کان پوءِ ام رباب کي انصاف نه ملڻ نه صرف انصاف جو قتل آھي پر ھن انصاف واري نظام تي پڻ سنجيده سوال اٿاري ڇڏيا آهن۔ جيڪڏهن سڀ جوابدار بي ڏوهي آھن ته پوءِ ٽي خون ڪنھن ڪيا؟
-
سنڌ جو عوام مظلوم نياڻي اُم رباب سان گڏ آهي: حليم عادل شيخ
ڪراچي(رپورٽر)پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته ام رباب چانڊيو ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت، انصافي نظام تي سنگين سوال اٿي بيٺا آهن، سنڌ ۾ جاگيرداراڻو نظام غالب آهي، مظلوم ڌيءُ انصاف کان محروم ٿي وئي آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته طاقتور کٽي ويا، ڪمزور هارائي ويو هي ڪهڙو انصافي نظام آهي؟ هن چيو ته جيڪڏهن ام رباب چانڊيو کي انصاف نه مليو ته عوام جو عدالتي نظام تي اعتماد ختم ٿي ويندو، هن چيو ته پوليس جي موجودگي ۾ کلي عام هوائي فائرنگ ٿي سنڌ ۾ قانون جي بالادستي آهي يا بااثر ماڻهن جي حڪمراني؟ هڪ ڌيءُ انصاف لاءِ دانهن ڪندي رهي، پر نظام خاموش رهيو، هن چيو ته سنڌ جو عوام مظلوم ڌيءُ ام رباب سان گڏ بيٺو آهي، عمران خان اهڙي ئي ٻٽي انصاف واري نظام جو خاتمي چاهي ٿو۔
-
اسان ڪڏهن به عدالتي ڪارروائي تي اثرانداز ناهيون ٿيا: سردار چانڊيو
ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ميهڙ ڪيس مان بري ٿيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي اسيمبلي ميمبر سردار خان چانڊيو چيو آهي ته هنن ڪڏهن به عدالتي معاملي يا جاچ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. هڪ نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ سردار خان چانڊيو چيو ته مخالفن پاران سراداري نظام تي تنقيد ۽ اثرانداز ٿيڻ جا الزام بي بنياد آهن. هن دليل ڏنو ته جيڪڏهن هو اثرانداز ٿئي ها ته حڪمران پارٽي جو ميمبر هوندي مٿس ايف آءِآر داخل ئي نه ٿئي ها. انصاف ۾ 8 سالن جي دير بابت سوال جي جواب ۾ سردار چانڊيو چيو ته انصاف ۾ دير انهن جي ڪري ٿيندي آهي جيڪي ڪيس کي هلائڻ نه چاهيندا آهن. هن چيو ته تقريبن 450 پيشين جو رڪارڊ موجود آهي ته ڪيتريون ئي تاريخون مخالف ڌر جي وڪيلن ورتيون، اسان پهرين ڏينهن کان هر پيشي تي حاضر رهياسين ۽ ڪڏهن به وقت ضايع ناهي ڪيو. سوشل ميڊيا تي جوابدارن جي بريت بعد جديد هٿيارن جي نمائش ۽ فائرنگ بابت پڇيل سوال تي سردار خان چانڊيو چيو ته هن اهڙي عمل جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته مون پنهنجي ماڻهن کي سختي سان منع ڪئي هئي ته اهڙي ڪا به حرڪت نه ڪئي وڃي، مان هٿيارن جي نمائش جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو ۽ ان معاملي تي ايڪشن به ورتو آهي.
-
قتل ڪيس جون ٻڌڻيون نوشهروفيروز، سکر ۽ ماٿيلي ۾ به ٿيون
دادو: ٽيڻي قتل ڪيس جون ٻڌڻيون نوشهروفيروز، دادو، سکر ۽ ميرپور ماٿيلو جي عدالتن مان منتقل ٿيندي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ دادو تائين منتقل ٿيون. ٽيڻي قتل ڪيس جون 3 ٻڌڻيون سپريم ڪورٽ ۾ به ٿي چڪيون هيون. ماڊل ڪورٽ ۾ هينئر تائين ٽن قتل ڪيسن جون 450 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿي چڪيون هيون ۽ فيصلو ٻڌايو ويو.
-
فيصلي وقت ڊي ايس پيز سميت 450 پوليس اهلڪار مقرر
دادو:قتل ڪيس جي فيصلي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا، ڊي ايس پيز سميت 450 پوليساهلڪار سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته ام رباب چانڊيو جي گهر ٻاهران به پوليس مقرر ڪئي وئي هئي. جڊيشل ڪمپليڪس ڏانهن ويندڙ ۽ ايندڙ رستن تي به پوليس جي وڏي نفري موجود رهي. ياد رهي ته ڪورٽ گذريل ٻڌڻي دوران شاهدن جا بيان ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو.