تهران/واشنگٽن/تل ابيب(ع آ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي آبناءِ هرمز فوري طور کولڻ جو الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته معاهدو نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايراني تيل جي کوهن، بجلي گهرن ۽ يورينيم ذخيرن کي نشانو بڻايو ويندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي هڪ ڀيرو ٻيهر خبردار ڪيو آهي ته هو آبناءِ هرمز فوري طور کولي نه ته آمريڪا ايراني تيل جي کوهن ۽ بجلي گهرن کي نشانو بڻائي سگهي ٿو .ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”آمريڪا ايران ۾ هڪ نئين ۽ وڌيڪ مناسب نظام سان سنجيدا ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته جيئن آمريڪي فوجي ڪارروائين جو خاتمو آڻي سگهجي. سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ هن لکيو ته ”ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي ۽ جيڪڏهن جلد معاهدو نه ٿيو يا آبناءِ هرمز فوري طور نه کوليو ويو ته اسان ايران ۾ پنهنجي موجودگي ختم ڪندي انهن جي سمورن بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽن، تيل جي کوهن ۽ خارگ ٻيٽ کي تباهه ڪري ڇڏينداسين، ان سان گڏوگڏ پاڻي صاف ڪندڙ پلانٽس کي به تباهه ڪيو ويندو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اهي قدم انهن سمورن آمريڪي فوجين ۽ شهرين جي موت جو پلاند هوندو، جن کي ايران 47 سالن جي دهشتگردي واري دور ۾ قتل ڪيو.