آمريڪا سان سڌين ڳالهين جي ترديد، معاهدو ٿي سگهي ٿو: ايران

تهران(م ڊ) ايران آمريڪا سان سڌي طرح ڳالهين جي ترديد ڪري  ڇڏي. نيوز ايجنسي موجب، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا سان سڌي طرح ڳالهيون نه ٿيون آهن، پيغام ٽياڪڙن ذريعي پهچايا ويا هئا. پاڪستان ذريعي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اڻ سڌي طرح ڳالهين ۾ پيش رفت ٿي رهي آهي، جلد ئي هڪ معاهدو ٿي سگهي ٿو، اسماعيل بقائي چيو ته ايران کي موڪليل اڪثر تجويزون غير حقيقي، غير معقول ۽ ضرورت کان وڌيڪ هيون. هن وڌيڪ چيو ته اهو خوش آئند آهي ته علائقائي ملڪ امن لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر صورتحال کي حقيقت پسندي سان ڏسڻ ضروري آهي. ترجمان چيو ته يوڪرين جي تڪرار کي ايران خلاف آمريڪا-اسرائيلي جنگ سان ڳنڍڻ هڪ تباهي ڪندڙ غلط فهمي آهي.

  1. يورپي ڪائونسل جي صدر پاران پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي واکاڻ

اسلام آباد (بيورو) يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا وچ اوڀر جي بحران جي حل لاءِ پاڪستان پاران ڪيل سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي انهن جي ڪاميابيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. يورپي ڪائونسل جي صدر اڄ وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف سان ٽيليفون تي تفصيلي گفتگو ڪئي جنهن ۾ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انتونيو ڪوسٽا ٻڌايو ته هن اسلام آباد ۾ ٿيل پاڪستان، سعودي عرب، مصر ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن جي تازي مشاورتي گڏجاڻي جي نتيجن ۽ ايران جنگ بابت پاڪستان جي جائزي کي ٻڌڻ لاءِ وزيراعظم سان رابطو ڪيو آهي. انتونيو ڪوسٽا چيو ته يورپي يونين کي جنگ جي وڌندڙ عرصي ۽ ان جي عالمي سطح تي پوندڙ خطرناڪ اثرن تي سخت ڳڻتي آهي. هن واضح ڪيو ته يورپي يونين امن جي لاءِ ڪيل سمورين ثالثي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي ۽ پاڪستان جي امن لاءِ ڪيل جاکوڙ کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.