قاهره(عوامي آواز نيوز)مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ايران خلاف جاري جنگ روڪڻ جي اپيل ڪندي خبردار ڪيو آهي ته تيل جي قيمت 200 ڊالر في بيرل تائين پهچڻ جو حقيقي خطرو موجود آهي۔ قاهره ۾ ٿيندڙ مصر انرجي شو کي خطاب ڪنديهن چيو ته مان صدر ٽرمپ کي چوان ٿو ته نار ۾ هلندڙ هن جنگ کي رڳو توهان ئي روڪي سگهو ٿا۔ مهرباني ڪري مسٽر صدر، اسان جي مدد ڪريو ۽ هن جنگ کي ختم ڪريو، توهان وٽ اها صلاحيت موجود آهي، مصري صدر خبردار ڪيو ته توانائي جي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ سان عالمي معيشت ۽ تيل جي قيمتن تي سنگين اثر پوندا۔ هن وڌيڪ چيو ته مارڪيٽ جا ماهر اڳ ئي خبردار ڪري چڪا آهن ته تيل جي قيمت 200 ڊالر في بيرل کان به وڌي سگهي ٿي، ۽ اها ڪا وڌاءُ واري ڳالهه ناهي۔