برطانيا پاران فوج ايران نه موڪلڻ جو اعلان

لنڊن(عوامي آواز نيوز)برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر واضح ڪيو آهي ته برطانيا ايران ۾ فوج مقرر نه ڪندو ۽ هن تڪرار ۾ سڌي طرح شامل نه ٿيندو۔ هن چيو ته هي اسان جي جنگ ناهي ۽ اسان کي ان ۾ نه گهليو ويندوهن وڌيڪ ٻڌايو ته برطانيا هن وقت دفاعي قدم کڻي رهيو آهي ته جيئن برطانوي شهري، برطانوي مفاد ۽ علائقي ۾ پنهنجن اتحادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي، هن چيو ته برطانيا آبناءِ هرمز کي ٻيهر کولڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو، پر هن زور ڏنو ته اسان هن جنگ ۾ شامل نه ٿينداسين۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.