حڪومت قاسم خان جي تقرير جي وڊيو ڪلپ آڻي:شفيع جان

پشاور(عوامي آواز نيوز)خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص معاون شفيع جان چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي پٽ قاسم خان جي تقرير جو وڊيو ڪلپ آڻي جنهن ۾ هن  جي ايس پي پلس جو درجو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هجي۔ هن خيالن جو اظهار هن خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو۔شفيع جان چيو ته پيٽرول بم کان پوءِ هاڻي اسمارٽ لاڪ ڊائون ڏانهن وڃي رهيا آهن۔هن وڌيڪ چيو ته هو هارين لاءِ ڊيزل تي 55 رپيا في ليٽر پاڻ برداشت ڪندا، ۽ پنجاب حڪومت ۽ خيبر پختونخوا حڪومت جي ڪارڪردگي جو مقابلو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.