واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)عالمي شهرت يافته هالي ووڊ اداڪار رابرٽ ڊي نيرو آمريڪي صدر ٽرمپ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ٽرمپ پنهنجا غلط ڪم ڪانگريس ۽ عملي جي ملي ڀڳت کان سواءِ نٿا ڪري سگهن۔رابرٽ ڊي نيرو نيويارڪ ۾ “نو ڪنگز” ڏينهن جي تقريب ۾ نه رڳو شرڪت ڪئي پر تقريب کي خطاب به ڪيو۔تقريب دوران ڳالهائيندي اداڪار چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجا غلط ڪم ڪانگريس ۽ عملي جي سهڪار کان سواءِ نٿا ڪري سگهن رابرٽ ڊي نيرو وڌيڪ چيو ته ڪرپٽ اڳواڻن کي پاڻ کي امير بڻائڻ کان روڪيو وڃي۔