حيدرآباد ۾ ٻن ڌرين جو جهيڙو، ڇڏائڻ لاءِ آيل نوجوان قتل

حيدرآباد (رپورٽر): حيدرآباد جي پنڃاري ٿاڻي جي حد، نوراني بستي مصطفيٰ پارڪ ويجهو مدينا پيلس واري علائقي ۾ ٻن ڄڻنجو جهيڙو ٽارڻ لاءِ پهتل 16 سالن جو نوجوان گولي لڳڻ سبب مارجي ويو آهي. مقتول جي سڃاڻپ عزير پٽ نعيم قريشي جي نالي سان ٿي آهي. واقعي کانپوءِ علائقي واسين نينگر کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد پهچايو، پر هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس جي شروعاتي جاچ موجب، علائقي ۾ فريد ابڙو ۽ ذيشان قريشي جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ٿي رهيو هو. عزير انساني همدردي تحت جهيڙو ڇڏائڻ لاءِ مداخلت ڪئي، جنهن دوران فريد وٽ موجود رپيٽر مان اوچتو گولي ڇٽي وئي جيڪا سڌي عزير کي لڳي ۽ سندس موت واقع ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ جهيڙو ڪندڙ ٻئي ڌريون موقعي تان فرار ٿي ويون آهن. پوليس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا مارڻ جو سلسلو جاري آهي. علائقي ۾ نينگر جي اهڙي بي گناهه موت تي ڏک جي لهر پکڙيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.