حيدرآباد مان ٿر واسي هوٽل جي پورهيت جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد، لطيف آباد يونٽ نمبر 5 ۾ جهنڊي واري بابا درگاهه جي سامهون هڪ گهر مان ٿر واسي نوجوان جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيو آهي. مقتول جي سڃاڻپ ثناءُ الله پٽ چنيسر منڱريو جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو عمرڪوٽ جي ڳوٺ جاريکڙي جو رهواسي هو ۽ حيدرآباد ۾ هڪ هوٽل تي پورهيو ڪندو هو. پوليس موجب، اطلاع ملڻ تي علائقي ۾ پهچي لاش کي تحويل ۾ ورتو ويو ۽ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته مقتول نوجوان پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏ هڪ مسواڙ واري گهر ۾ رهندو هو. گذريل رات جڏهن سندس دوست ڪم تان واپس گهر پهتا ته کين ثناءُ الله جو رت ۾ لت پت ڳلو ڪپيل لاش مليو، جنهن کانپوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان ضروري شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جا فوٽيج حاصل ڪيا پيا وڃن. پوليس اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته قتل جي هن وحشياڻي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.