جنگ روڪرائڻ لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون : آزمائش به ته موقعو به

تحرير: خدا بخش بروهي

وچ اوڀر هڪ وري ٻيهر اهڙي تاريخي موڙ تي بيٺو آهي، جتي جنگي ڌماڪن جي گونج ۽ سفارتي سرگوشين جي وچ ۾ هڪ نئون عالمي توازن جنم وٺندي نظر اچي رهيو آهي۔ ھڪ طرف ميدانِ جنگ ۾ ميزائلن، ڊرونن ۽ هوائي حملن جي شدت وڌندي پئي وڃي، ته ٻئي پاسي بنپس منظر ۾ هلندڙ دروازن پٺيان هلندڙ ڳالهين ۾ اميد جا ڪجهـ ڏيئا به روشن ٿيندي ڏسجن ٿا۔ هن سڄي مامري ۾ پاڪستان جو ڪردار هڪ اهم ۽ غير معمولي سفارتي پل طور سامهون اچي رهيو آهي۔

ان سلسلي ۾ سعودي ارب، ترڪي ۽ مصر جا پرڏيھي وزير اسلام آباد ۾ پھچي ويا آھن ساڳي وقت دوست ملڪن جا اڳواڻ پاڪستاني وزير اعظم سان ملاقاتون ڪري خطي جي صورتحال بابت پنھنجو پيغام ڏيئي رھيا آھن پاڪستان حڪومت جا جنگ بند ڪرڻ خاطر ايران سان رابطا جاري آھن ممڪن آھي پاڪستان جي ڪوششن سان ھي جنگ بند ٿئي ان سلسلي ۾ آمريڪا جي وچ اوڀر لاءِ خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف جو اهو بيان آھي ته پاڪستان وسيلي ايران سان “مثبت ۽ مضبوط پيغامن” جو ڏي وٺ ٿي رھي آهي، رڳو هڪ سفارتي جملو ناهي، پر اهو هڪ وڏي حڪمت عملي جو حصو لڳي ٿو۔ 15 نڪتن تي ٻڌل ايڪشن پلان، جيڪو واشنگٽن ۽ اسلام آباد جي گڏيل مشاورت سان تيار ٿيو، ان ڳالھه جو اشارو ڏئي ٿو ته عالمي قوتون هاڻي تڪرار جي مڪمل فوجي حل بدران ڪنٽرولڊ سفارتڪاري کي ترجيح ڏئي رهيون آهن۔ ھڪ مھينو ھلندڙ جنگ ۾ عالمي معيشت ويھي وئي آھي انجو وڏو ڪارڻ آبنائي ھرمز واري سامونڊي گس کي ايران پاران بند ڪرڻ آھي جنھن سبب 110 ڊالر في بيريل تيل جي قيمت ٿي وئي آھي جڏھن محض ڪچي تيل جي قيمت اھا به 70 ڊالر في بيريل تي پھچي چڪو آھي جنھن دنيا جي اک کولي ڇڏي آھي.

آمريڪا اسرائيل جنگ خلاف سڄي دنيا آواز اٿاري رھي آھي خاص ڪري خود امريڪا ۽ لنڊن ۾ مڙھيل جنگ خلاف عوامي سمنڊ اٿلي پيو جن فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آھي، ڏٺو وڃي ھڪ طرف جنگ بندي جون ڪوششون تيز ٿي ويون آھن ساڳي وقت حملا به ھلي رھيا آھن، اھي ڪيتريون ڪامياب ٿين ٿيون اھا ھڪ الڳ ڳالهھ آھي پر ھن وقت جنگ بندي لاءِ ٿيندڙ اجلاس پاڪستان ۾ ٿئي ٿو جيڪو پاڪستان جي لاءِ ڪو معمولي موقعو ناهي۔ ڇوته تاريخي طور تي تڪراري علائقن ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ هميشه وڏين طاقتن جي هٿ ۾ رهيو آهي، پر هن ڀيري اسلام آباد پاڻ کي هڪ اهڙي حيثيت ۾ آڻي بيهاريو آهي، جتي هو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اعتماد جي کوٽ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔ ساڳي طرح جتي امريڪا ٻيا دوست ۽ مسلم ملڪ پاڪستان تي اعتماد ڪن ٿا تيئن ايران به پاڪستان جي ٽياڪڙي جي اجيان ڪري ٿو اھڙي طرح آبنائي ھرمز مان پاڪستاني جھنڊي وارن ويھن جھازن کي ڪالهھ سامان کڻي گذرڻ جي اجازت به ان اعتماد جي ڪڙي آھي ان ڪري پاڪستان لاءِ اھو فاندو ٿيندو ملڪ ۾ نه زياده تيل جا اگهھ وڌندا نه ڪا کوٽ ٿيندي۔

جرمني جي پرڏيهي وزير يوهان واڊيفول جو اهو انڪشاف ته ٻنهي ملڪن جا نمائندا جلد پاڪستان ۾ ملاقات ڪندا، سفارتڪاري جي هن خاموش عمل کي وڌيڪ معنيٰ ڏئي ٿو۔ اهو پهريون ڀيرو ناهي ته آمريڪا ۽ ايران اڻسڌي رابطن ۾ رهيا هجن، پر سڌي ملاقات جي تياري ان ڳالهه جي علامت آهي ته ڇڪتاڻ پنهنجي حدن کي ڇُهي چڪي آهي ۽ هاڻي هڪ نئين راهه ڳولڻ ضروري ٿي پئي آهي۔

ٻئي پاسي، ميدانِ جنگ ۾ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي۔ ايران ۾ بمباري، سرحدي ڇڪتاڻ، ۽ “وعده صادق” جهڙن فوجي آپريشنن خطي کي هڪ مڪمل جنگ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي۔ پاسدارانِ انقلاب جي دعوائن موجب آمريڪي ۽ اتحادي هدفن تي ڪامياب حملا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان به ايران جي فوجي تنصيبات کي سواء اسڪولن ۽ ٻين رھائشي جاين کي نشانو بڻائڻ جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن۔

هيءَ صورتحال رڳو ٻن ملڪن جي وچ ۾ محدود ناهي رهي، پر ان جا اثر سڄي خطي ۾ پکڙجي رهيا آهن۔ سعودي عرب، ڪويت ۽ لبنان به هن باه جي لپيٽ ۾ اچي رهيا آهن، جتي ميزائل حملا، ڊرون ڪارروايون ۽ سرحدي ڇڪتاڻ روزاني معمول بڻجي چڪا آهن۔ خاص طور تي لبنان ۾ حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ ٽڪراءُ هڪ نئين محاذ کولڻ جو امڪان وڌائي رهيو آهي۔ انساني نقصانن جا انگ اکر هن جنگ جي اصل چهري کي بي نقاب ڪن ٿا۔ هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ ڏهاڪن هزار زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته شهر خالي ٿي رهيا آهن، معيشتون لرزي رهيون آهن، ۽ خوف هڪ اجتماعي نفسيات بڻجي چڪو آهي۔

ان سڄي بحران ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جا بيان به عجيب لڳن ٿا، جيڪي هڪ پاسي جنگي دٻاءُ برقرار رکڻ ۽ ٻئي پاسي ڳالهين لاءِ وقت ڏيڻ جي حڪمت عملي کي ظاهر ڪن ٿا۔ ته ايران جنگ دنيا جي معيشت کي ڪاپاري ھڻي ڪنگالي جي ڪاري کوھ ڦٽو ڪري سگھي ٿي ان ڪري ٽرمپ ريجم کان نه فقط نيٽو پر باقي اتحادي ملڪ به ڪترائيدي ھن جنگ کي بي مقصد چئي رھيا آھي ساڳئي وقت ولاديمير پوٽن جو خبردار ڪرڻ ته هي جنگ عالمي معيشت لاءِ ڪورونا جهڙو ڌڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، عالمي سطح تي وڌندڙ بيچيني جي عڪاسي ڪري ٿو۔

هن سڄي منظرنامي ۾ پاڪستان جي سفارتڪاري خاص توجه جو مرڪز بڻيل آهي،  اسحاق ڊار ۽ عطا تارڙ جي تصديق ته پاڪستان سرگرم سفارتي ڪوششون ڪري رهيو آهي، رڳو هڪ سرڪاري موقف ناهي، پر هڪ عملي حڪمت عملي جو حصو آهي، جنهن ۾ ٽيليفونڪ سفارتڪاري، علائقائي رابطن ۽ اعتماد سازي کي بنيادي حيثيت حاصل آهي۔ ھي جنگ ڪيتري خطرناڪ ٿيندي اھا ڳالهھ الڳ آھي اھو پوري دنيا پرکيو آھي پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا هي سفارتي ڪوششون جنگ جي هن باه کي وسائي سگهنديون؟ تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن فوجي ٽڪراءُ پنهنجي عروج تي پهچي ٿو، تڏهن ئي سفارتڪاري لاءِ جڳهه پيدا ٿيندي آهي۔ پر هن ڀيري صورتحال وڌيڪ پيچيده آهي، ڇو ته هي رڳو ٻن ملڪن جي جنگ ناهي، پر عالمي طاقتن، علائقائي مفادن ۽ نظرياتي ٽڪراءَ جو هڪ ڳنڍيل ڄا ر آهي جھن ۾ ڦاسڻ کان پوء ان مان نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ھوندو ساڳي وقت ايڏي وڏي شفارتي ڪوششن جي باوجود جنگ مڪمل بند نه ٿي رھيو آھي جنھن سبب وڏو معاشي نقصان ٿيو آھي ۽ اڃان به ويڪ ٿيڻ جو انديشو به موجود آھي ھاڻ لڳي ايئن ٿو وچ اوڀر جو مستقبل هاڻي رڳو جنگي ميدانن ۾ طئي نه ٿيندو، پر سفارتي ميزن تي ٿيندڙ انهن ڳالههين ۽ لفظن ۾ به اھو طاقت وزن ھوندو آھي جيڪي ميزائلن کان به وڌيڪ اثرائتا ثابت ٿيندا آھي پر مسئلو ھي به آھي آمريڪا ۽ اسرائيل ايران لاءِ 15 نقطن وارو شرط رکيو اٿن ضروري ناھي ھو جيڪو چاهين ٿا، اهو کين حاصل ٿئي، ڇو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان ايران جي حڪومت پنهنجي قيام سان گڏ پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ڪندي وڃي ٿي۔ ميڊيا رپورٽن مطابق اسرائيل جي چينل 12 نيٽ ورڪ پاران شايع ڪيل آمريڪي 15 نقطن واري منصوبي جي تفصيلن ۾ ايران جي جوهري پروگرام جو خاتمو، ان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جو خاتمو، يمن ۾ حوثي ۽ لبنان ۾ حزب الله جهڙين ’پروڪسي مليشين‘ جي حمايت ختم ڪرڻ جو شرط شامل آهي، ان جي بدلي ۾ ايران کي پابندين ۾ نرمي ۽ آبنائي هرمز تي ڪجهه گڏيل ڪنٽرول حاصل ٿيندو، پر ايران شروعات ۾ ايران آمريڪي 15 نقطن واري منصوبي کي ’حد کان وڌيڪ‘ قرار ڏيندي سختي سان رد ڪري ڇڏيو ھو پر اربع جي ڏينهن ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي نسبتاً گهٽ واضح مؤقف اختيار ڪيو۔ هن سرڪاري ٽي وي کي ٻڌايو ته ملڪ جي اعليٰ قيادت آڏو ’ڪجهه تجويزون‘ پيش ڪيون ويون آهن ۽ ’جيڪڏهن ڪو مؤقف اختيار ڪرڻو پوندو ته اهو يقيني طور تي طئي ڪيو ويندو۔ ‘

ان جي ابتڙ، ايراني سرڪاري ميڊيا جنگ جي خاتمي لاءِ پنج شرط پيش ڪيا آهن، جن ۾ جنگي هرجاني جي ادائيگي، آبنائي هرمز تي ايران جي مڪمل اختيار کي تسليم ڪرڻ، ۽ اها ضمانت شامل آهي ته مستقبل ۾ ايران تي ڪو حملو نه ڪيو ويندو۔ اهي مطالبا شايد نه رڳو واشنگٽن پر ان جي خليجي عرب اتحادي ملڪن لاءِ قبول ڪرڻ انتهائي ڏکيا هوندا۔

هن وقت اتي پاڪستان لاءِ به هئي هڪ آزمائش آهي ۽ هڪ موقعو پڻ۔ جيڪڏهن اسلام آباد هن بحران ۾ هڪ متوازن، غير جانبدار ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، ته اهو نه رڳو پنهنجي سفارتي حيثيت کي مضبوط ڪندو، پر عالمي سياست ۾ هڪ ذميوار ٽياڪٽر  طور به سڃاتو ويندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.