آمريڪا جي عوام جو جنگ خلاف ٿيندڙ غير معمولي احتجاج

تحرير: غلام مصطفيٰ جمالي

دنيا هن وقت هڪ انتهائي حساس ۽ نازڪ مرحلي مان گذري رهي آهي جتي عالمي سياست جا فيصلا رڳو ملڪن تائين محدود نه رهيا آهن پر سڌو سنئون عام ماڻهن جي زندگيءَ تي اثرانداز ٿي رهيا آهن۔ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي ان موڙ تي آڻي بيهاريو آهي جتي جنگ ۽ امن وچ ۾ چونڊ ڪرڻ انتهائي ڏکيو ٿي پيو آهي۔ ايران خلاف امڪاني جنگ جون ڳالهيون عالمي سطح تي بيچيني پيدا ڪري رهيون آهن، ۽ ان بيچيني جو سڀ کان وڏو اظهار آمريڪا جي گهٽين ۾ ٿيندڙ وڏي پئماني تي احتجاجن جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي۔

آمريڪا ۾ لکين ماڻهن جو روڊن تي نڪرڻ ڪو معمولي واقعو ناهي۔ اهو رڳو هڪ پاليسي خلاف ردعمل ناهي پر هڪ وڏي شعوري تبديلي جو اظهار آهي۔ ماڻهو هاڻي صرف تماشائي نه رهيا آهن، پر هو پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهن ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي۔ انهن جو خيال آهي ته جنگ رڳو تباهي آڻي ٿي، ۽ ان جا اثر رڳو ميدانِ جنگ تائين محدود نه هوندا آهن پر سماج، معيشت ۽ انسانيت جي هر پهلو کي متاثر ڪندا آهن۔ آمريڪي عوام جا احتجاج دراصل ماضي جي غلطين کان سکڻ جي ڪوشش آهن۔ ويٽنام ۽ عراق جهڙين جنگين جا اثر اڃا تائين ماڻهن جي ذهنن ۾ تازا آهن۔ لکين زندگيون ضايع ٿيون، اربين ڊالر خرچ ٿيا ۽ ڊگهي عرصي تائين عدم استحڪام پيدا ٿيو۔ اهي حقيقتون ماڻهن کي مجبور ڪن ٿيون ته هو ڪنهن نئين جنگ جي مخالفت ڪن، خاص ڪري جڏهن ان جا نتيجا واضح نه هجن۔

هي احتجاج صرف عارضي جذباتي ردعمل ناهن لڳن، پر هڪ منظم تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري سگهن ٿا۔ جيڪڏهن ماڻهو لڳاتار پنهنجي آواز بلند ڪندا رهيا ته ان جو اثر يقيناً حڪومتي پاليسين تي پوندو۔ جمهوريت جي اصل طاقت ئي اها آهي ته ماڻهو پنهنجي راءِ سان حڪمرانن کي جوابده بڻائي سگهن ٿا، ۽ اهو ئي عمل هڪ متوازن ۽ مضبوط سماج جي بنياد آهي۔

عالمي سطح تي به انهن احتجاجن کي وڏي اهميت سان ڏٺو پيو وڃي۔ ٻين ملڪن ۾ به ماڻهن ايران جنگ خلاف آواز اٿاريو آهي، جيڪو ڏيکاري ٿو ته هاڻي دنيا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي۔ ڪنهن هڪ علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ بحران جا اثر سڄي دنيا تي پون ٿا، ۽ ماڻهو هاڻي ان حقيقت کان ڀلي ڀت واقف ٿي چڪا آهن۔

هاڻي جديد دور ۾ معلومات تائين آسان رسائي ماڻهن کي وڌيڪ باخبر بڻائي ڇڏيو آهي۔ ماڻهو رڳو سرڪاري بيانن تي ڀروسو نٿا ڪن، پر مختلف ذريعن مان معلومات حاصل ڪري پنهنجو تجزيو ڪن ٿا۔ اهو شعور ئي انهن کي پنهنجي حقن لاءِ بيهڻ جي همت ڏئي ٿو، ۽ آمريڪا ۾ ٿيندڙ احتجاج به انهيءَ شعور جو نتيجو آهن۔ حڪومتن لاءِ اها صورتحال هڪ وڏو امتحان آهي۔ هڪ طرف انهن کي پنهنجي پاليسين تي قائم رهڻو پوي ٿو، ۽ ٻي طرف عوامي دٻاءُ کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي۔ جيڪڏهن حڪومت عوام جي آواز کي نظرانداز ڪري ٿي ته سياسي نقصان ٿي سگهي ٿو، ۽ جيڪڏهن پاليسي تبديل ڪري ٿي ته ان کي ڪمزوري سمجههيو وڃي ٿو۔ اهو هڪ اهڙو نازڪ توازن آهي جيڪو برقرار رکڻ آسان ناهي۔

انهن احتجاجن ۾ نوجوانن جي وڏي شرڪت به هڪ اهم پهلو آهي۔ نوجوان مستقبل جا نمائندا آهن، ۽ جڏهن هو ڪنهن مسئلي تي آواز اٿارين ٿا ته ان کي سنجيدگي سان وٺڻ ضروري آهي۔ نوجوان نسل جو جنگ بدران امن کي ترجيح ڏيڻ هڪ مثبت علامت آهي جيڪا مستقبل لاءِ اميد پيدا ڪري ٿي۔

هي صورتحال عالمي سياست ۾ هڪ نئين رجحان کي ظاهر ڪري ٿي جتي عوامي راءِ جي اهميت وڌي رهي آهي۔ هاڻي فيصلا صرف حڪومتي ايوانن ۾ نه پر گهٽين ۾ به ٿين ٿا۔ ايران جنگ جي حوالي سان به اهو ئي نظر اچي رهيو آهي ته ماڻهو هاڻي خاموش رهڻ لاءِ تيار ناهن۔ آخرڪار، دنيا کي اهڙن فيصلن جي ضرورت آهي جيڪي امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏين۔ جنگ هڪ اهڙو رستو آهي جنهن جا نتيجا هميشه تباه ڪن هوندا آهن۔ جيڪڏهن ايران جي معاملي ۾ عقل ۽ دانائي سان ڪم ورتو وڃي ۽ ڳالههين کي ترجيح ڏني وڃي ته شايد هڪ وڏي بحران کان بچي سگهجي ٿو۔ آمريڪا جي گهٽين ۾ اٿندڙ اهي آواز صرف هڪ ملڪ جون ناهن، پر سڄي  دنيا جي نمائندگي ڪن ٿيون۔ اهي آواز هڪ پيغام آهن ته ماڻهو جنگ نٿا چاهين، هڪ خبردار ڪرڻ آهن ته جيڪڏهن انهن کي نظرانداز ڪيو ويو ته نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا، ۽ هڪ اميد آهن ته شايد دنيا هن ڀيري ماضي جي غلطين مان سبق سکندي۔

هي احتجاج اهو به ثابت ڪن ٿا ته طاقت جو اصل سرچشمو عوام آهن۔ جڏهن ماڻهو متحد ٿين ٿا ته هو وڏن کان وڏن فيصلن کي به بدلائي سگهن ٿا۔ ايران جنگ خلاف اٿندڙ هي آوازون انهيءَ حقيقت جو واضح ثبوت آهن، ۽ ايندڙ وقت ۾ اهو ڏسڻو پوندو ته اهي ڪيترو اثر ڇڏين ٿا۔ دنيا جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي جتي عوامي تحريڪن وڏيون تبديليون آنديون آهن۔ اڄ جا احتجاج به شايد اهڙي ئي ڪنهن تبديليءَ جي شروعات هجن۔ جيڪڏهن هي تحريڪ جاري رهي ۽ پنهنجي طاقت برقرار رکي ته اها نه صرف هڪ جنگ کي روڪي سگهي ٿي پر عالمي سياست جو رخ به بدلائي سگهي ٿي۔

هي وقت دانائي، برداشت ۽ سنجيدگي جو آهي۔ جيڪڏهن عالمي اڳواڻ صحيح فيصلا ڪن ته هڪ وڏي تباهي کان بچي سگهجي ٿو، ٻي صورت ۾ هڪ ننڍي غلطي به وڏي سانحي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي۔ ايران جي معاملي ۾ به اهو ئي سچ آهي، ۽ سڄي دنيا جون نظرون هن صورتحال تي لڳل آهن۔ آخر ۾ اهو چوڻ درست ٿيندو ته آمريڪا جي گهٽين ۾ ٿيندڙ هي احتجاج رڳو هڪ واقعو ناهي، پر هڪ وڏي تبديليءَ جو اشارو آهن۔ ماڻهو هاڻي وڌيڪ باشعور، متحرڪ ۽ بااثر ٿي چڪا آهن۔ اهي پنهنجي مستقبل بابت فيصلا پاڻ ڪرڻ چاهين ٿا، ۽ ان لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن۔ اهو ئي نئون دور آهي، ۽ اهو ئي مستقبل جو رخ طئي ڪندو۔..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.