قاسم خان پاڪستان جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس ختم ڪرڻ جو مطالبو ناهي ڪيو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)آن لائن پوسٽن ۾ اهو دعويٰ ڪئي  پئي وڃي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽ قاسم خان 25 مارچ تي جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي اجلاس دوران پاڪستان جو جي ايس پي  پلس اسٽيٽس ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو۔اها دعويٰ غلط آهي.سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ چيو  ويو ته قاسم خان يورپي يونين کان پاڪستان جو جي ايس پي اسٽيٽس منسوخ ڪرائڻ لاءِ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين، خاص طور پنهنجي والد جي قيد جو حوالو ڏنو۔ان دعويٰ کي پاڪستان جي وزير دفاع خواجا محمد آصف پڻ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيو، جڏهن ته حنا پرويز بٽ ۽ ٻين حڪومتي شخصيتن به ان تي تنقيد ڪئي جڏهن ته حقيقت  ۾قاسم خان جنيوا ۾ ٻن الڳ تقريبن ۾ خطاب ڪيو، پر ڪنهن به موقعي تي هن پاڪستان جو GSP+ اسٽيٽس ختم ڪرڻ جو ڪو به مطالبو نه ڪيو۔سوشل ميڊيا تي هلندڙ دعويٰ گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.