زيلنسڪي جي موجودگي ۾ ايران هٿان يوڪريني دفاعي نظام تباهه

دبئي(م ڊ) ايران آمريڪي فوجي اڏن تي حملي جو دعويٰ ڪيو آهي، يوڪرين جو دفاعي نظام تباهه ڪيو آهي يوڪريني صدر متحده عرب امارات جي دوري تي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن. ايران دعويٰ ڪئي آهي ته يوڪريني  اينٽي ڊرون سسٽم ڊيپو کي تباهه ڪيو آهي، جنهن ۾ دبئي، گڏيل عرب امارات ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا شامل آهن. انقلابي گارڊز جي مطابق، دبئي ۾ هي ڊيپو آمريڪي فوج جي مدد لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ايران جي نيم سرڪاري تسنيم نيوز ايجنسي جي مطابق، انقلابي گارڊز دعويٰ ڪئي آهي ته دبئي ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي ٻن هنڌن تي ميزائلن ۽ ڊرون سان نشانو بڻايو آهي. خاتم الانبياءَ هيڊ ڪوارٽر جي ترجمان ابراهيم ذوالفقاري چيو ته 500 کان وڌيڪ آمريڪي اهلڪارن ايراني ميزائلن ۽ ڊرون حملن کان بچڻ لاءِ ايراني فوجن پاران نشانو بڻايل ٻن هنڌن تي پناهه ورتي هئي.هن چيو ته آمريڪي فوج هاڻي ايراني حملي ۽ پنهنجي اڏن جي تباهي کان پوءِ ٻين هنڌن تي پناهه وٺڻ تي مجبور آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ ۽ آمريڪي فوج جي اعليٰ آفيسرن کي هاڻي سمجهڻ گهرجي ته هي علائقو آمريڪي سپاهين لاءِ قبرستان بڻجي ويندو ۽ انهن وٽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.